عيد جي ڪري ڀاڙن ۾ ڪيل واڌ کي ڪير روڪيندو ؟

هر ڀيري  عيد ويجهو ايندي ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ٽرانسپورٽر ڀاڙن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيندا آهن،اهو عمل هڪ زماني کان جاري ساري آهي، جنهن جو ڪڏهن به ڪو ذميوار نوٽيس نه وٺندو آهي، هن ڀيري به مختلف شهرن کان اهڙيون شڪايتون پهچي رهيون آهن،عام ماڻهوءَ کي هڪ کان ٻئي شهر ڏانهن لازمي سفر ڪرڻو ٿو پوي، هن دور ۾ جيڪي وڏا شهر آهن اتي روزگار جا وڌيڪ موقعا هوندا آهن جنهنڪري انهن شهرن ڏانهن ماڻهن جو اچن لازمي امر آهي، ڪراچي،حيدرآباد ،سکر توڙي ٻين وڏن شهرن ۾ ماڻهن جو گهڻو تعداد پنهنجي روزگار جي سهاري رخ ڪري ٿو، مختلف شهرن م رهندڙ ماڻهن جي ممڪن حد تائين ڪوشش هوندي آهي ته اهي عيد جي خوشي پنهنجن شهرن يا ڳوٺن ۾ پنهنجن مٽن مائٽن سان ملهائين. عيد هڪ اهڙو موقعو هوندو آهي، جيڪو ڳچ عرصي کان پوءِ پنهنجن مائٽن توڙي دوستن سان ميل ملاقات جو سبب بڻجندو آهي.

ٽرانسپورٽ هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو سنڌ ۾ مڪمل نظرانداز ٿيل آهي، ڪنهن وقت ۾ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪاپوريشن جو ادارو هوندو هو،جنهن کي ختم ٿئي بلڪه تباهه ٿئي به گهڻو عرصو گذري ويو آهي،ان جي متبادل سرڪار ڪو به اهڙو سفر جو نظام نه جوڙي سگهي آهي،جنهن سان عام ماڻهون کي ڪا سهولت حاصل ٿي سگهي. جنهنڪري عام خلق سڀني کان وڌيڪ پريشان آهي.سنڌ ۾ هلندڙ مختلف سوارين جو ڪنٽرول وارو سرشتو ته برابر وقت جي حڪومت جي هٿ ۾ هوندو آهي  پر سرڪار جي هن پاسي ڪابه دلچسپي نه هئڻ جي ڪري هن شعبي ۾ ٽرانسپورٽ جي نالي ۾ هر هنڌ هڪ منطم مافيا موجود آهي، سرڪار کان رڳو ڪنهن به بس يا ڪوچ يا وري ايئر ڪنڊيشنڊ ڪوچ هلائڻ جي رسمي منظور ورتي وڃي ٿي جنهن جو طريقو به انتهائي آسان آهي، اهڙي منظور ي بعد ٽرانسپورٽر باقي سمورا ڪم يا جنهن کي جڳاڙ ئي چئجي اهي پنهنجي مرضي سان طئي ڪندا آهن، جنهن ۾ ڀاڙو مقرر ڪرڻ،  گاڏي جو ڪهڙي پوائنٽ کان نڪرڻ ۽ آخري منزل تي پهچڻ ،ان کانسواءِ ان جي آخري منزل يا آخري اسٽاپ وغيره  اهي اهڙا معاملا آهن جنهن جي ڪٿي به ڪا درست مانيٽرنگ نٿي ٿئي.جنهنڪري هي ٽرانسپورٽر اهڙن فيصلن ڪرڻ ۾ مڪمل آزاد هوندا آهن.

سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ انهن گاڏين کي هلائڻ توڙي انهن جي سموري نظام کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ مقامي سطح تي پرائويٽ ماڻهن جو هڪ منطم ڄار آهي جيڪو انهي سموري سرشتي کي پنهنجي ضابطي هيٺ رکي ٿو. هئڻ ته ايئن گهرجي ته ٽرانسپورٽ کاتي جي عملي جو هڪ جوڳو نيٽ ورڪ هجي جيڪو ٽرانسپورٽر جي انهن غيرقانوني ڪمن تي نظر رکي ۽ اهڙو قانون جوڙيو وڃي جو ڪنهن به ٽرانسپورٽر کي پنهنجي مرضي سان ڀاڙن مقرر ڪرڻ جي اجازت نه هجي پر اهڙي ڪنهن به سسٽم نه هئڻ جي ڪري ان جو سڀني کان وڌيڪ نقصان غريب ماڻهون کي ٿئي ٿو جيڪو سفر ڪري ٿو.

وفاقي سرڪار جي انتظام هيٺ سفر جي سهولت جو هڪ اهم ادارو ريلوائي به آهي،جنهن جا  حال وري بنهه خراب آهن، جن ماڻهن کي ريل جو سفر ڪرڻو پوي ٿو اهي خوب ڄاڻن ٿا ته ريل جو کاتو ڪيترو ڏکيو آهي،ريل ۾ سفر ڪندڙ اهو چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته هنن کي هڪ مقرر سرڪاري ڀاڙي کان پوءِ به ڪجهه رقم اضافي ڏئي ڪري سيٽ يا وري برٿ وٺڻي پوندي آهي، هي کاتو وري ملڪ ۾ موجود ٻين سمورن کاتن کان ان معاملي ۾ اڳي کان اڳرو آهي. انگريز سرڪار جي مهرباني سان هن ملڪ ۾ وڇايل ريلوي سرشتو هڪ لحاظ کان ته وڏو ڪارنامو آهي پر هن وقت ڪا به ريل اهڙي نه آهي جيڪا پنهنجي مقرر وقت تي مقرر منزل تي پهچندي هجي.جنهنڪري هن کاتي ۾ ايتري بدعنواني آهي جو سڀني کان وڌيڪ تنقيد هن ئي کاتي کي سهڻي پوي ٿي پر پوءِ به اهو سڌرڻ جو نالو نٿو وٺي. هر عيد تي ٻئي ٽرانسپورٽ سان گڏ ريلوائي وارو کاتو به سفر ڪندڙ مسافرن جي اُبتي کل لاهي ٿو. پر ان کي به ڪو سڌارڻ جي لاءِ تيار نه آهي.

ڪنهن به سرڪار جو اهو فرض هوندو آهي ته اها عوام جي سهولت جي لاءِ ڪم ڪري پر هتي جي هر سرڪار پاڻ کي ان  عمل کان آجو سمجهندي رهي ٿي جنهنڪري عام  ماڻهون جي ڪا به بهتري نٿي ٿئي.هئڻ ته ائين گهرجي جو سرڪار کي انهن ماڻهن جي ئي بهتري ۽ سهولت جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو به پاڻ کي موجود سرڪار کان پري نه سمجهن، ان سان ئي حڪومت مضبوط ٿئي ٿي، پر هتي جيئن ته سمورو سسٽم ابتو آهي، تنهنڪري عام ماڻهون جي اهڙي پريشاني يا مسئلي جو ،وقت جي سرڪار ڪو فڪر يا اونو ڪرڻ پنهنجو فرض نه سمجهندي آهي.

مختلف شهرن کان آيل شڪايتن ۾ چيو ويو آهي ته ٽرانسپورٽر هن وقت عيد جي لاءِ سفر ڪندڙ سوارين کان اڳوڻي مقرر ڪيل ڀاڙي کان 25 کان 30 سيڪڙو وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪري رهيا آهن، جنهنڪري عوام پريشاني ۾ مبتلا آهي.عوام جو چوڻ آهي ته اهي بسن ۽ ڪوچن وارا مهيني ٻئي اهو چئي ڀاڙو وڌائيندا رهندا آهن ته سرڪار پيٽرول ۽ڊيزل جي قيمت وڌائي ڇڏي آهي،

ڪٿي وري ڀاڙن وڌائڻ جو اهو بهانو به ٻڌڻ جي لاءِ ملندو آهي ته هنن جي گاڏين لاءِ گئس نٿي ملي ان ڪري کين مجبوري ۾ پيٽرول استعمال ڪرڻو پوي ٿو جنهن جي واسطي واڌو خرچ هو عام ماڻهون جي جيب مان ڪڍڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا.

اسان سمجهون ٿا ته هتي هڪ حڪومت آهي جنهن کي اها ذميواري کڻڻ گهرجي ۽عام ماڻهون سان ٿيندڙ اهڙي ظلم کي روڪڻ جي لاءِڪو اهڙو نظام جوڙڻ گهرجي جو عوام روز روز اهڙن رواجي مسئلن جي ڪري پريشانيءَ کان بچي سگهي.

هن سرڪار کي انڪري به اهو قدم کڻڻ گهرجي جو هن وقت جنهن طريقي سان ماڻهن جي مٿان معاشي بار وڌل آهي، ان سان عوام جي چيلهه اڳي ئي چٻي ٿي وئي آهي،باقي ڀاڙن جي بهاني عوام تي ڪو بار وڌو ويو ته ان هيٺ هي غريب صفا دٻجي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.