نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ روڊ تي عورت موبائيل فون تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي گٽر ۾ وڃي ڪري، جنهن جي وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي وئي آهي.
موبائيل فون جو هر عمر جي ماڻهن ۾ استعمال وڌي ويو آهي ۽ ماڻهو موبائيل فون جا ايترا عادي بڻجي ويا آهن جو ڀرپاسي جو خيال به سندن ذهن مان نڪري وڃي ٿو.
تازو ڀارت ۾ هڪ عورت فون تي ڳالهائيندي ايتري وائڙي ٿي وئي جو روڊ تي کليل گٽر به کيس نظر نه آيو ۽ عورت گٽر ۾ جي تري ۾ وڃي ڪري.
عورت جي گٽر ۾ ڪرڻ کانپوءِ روڊ تي موجود ماڻهن سندس دانهن تي کيس ٻاهر ڪڍيو ۽ اهڙي واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ وائرل ٿي ويا آهن.
فوٽيجز ۾ عورت کي حفاظت سان گٽر مان ڪڍيو پيو وڃي.