ميهڙ ۾عورت جو بااثرن خلاف احتجاج، قيد ڪري زيادتي جو الزام

ميهڙ( رپورٽ : مرتضيٰ پنهور )ميهڙ لڳ ڳوٺ ٺوڙها جي رهواسڻ عورت ريما نوناري پنهنجي ماء زيبل ۽ چاچي مريم ۽ ڀاء واجدعلي ۽ ٻارڙن آذان ۽ نويدان سان گڏ ميهڙ پريس ڪلب ۾ دانهيندي احتجاج ڪندي ۽ الزام هڻندي چيو ته 7مهينا اڳ زوهيب ۽ نظر ٺوڙهو مون کي ٻارڙن سميت نصيرآباد مان اغوا ڪري کڻي ويا ۽ ڪراچي ۾ مون کي مختلف جڳهين تي رهيندا رهيا هن چيو ته انهن منهنجي اڳئي مڙس مان 2 ٻارڙن کي يرغمال بڻائي مون سان زهيب ٺوڙهو زبردستي نڪاح ڪيو جيڪو ڪوڙو آهي مان انهي نڪاح کي نه ٿي مڃان هن چيو ته منهنجي ڀاء واجد جڏهن پنهنجي وڪيل جي معرفت ڪورٽ ۾ انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ته انهن انهي پريشر ۾ اچي ڪري مون کي ميهڙ باء پاس تي ڇڏي ويا ۽ مان ميهڙ ٿاڻي تي پهتس جن مون کي پنهنجي وارثن حوالي ڪيو هن چيو ته اهي بااثر آهن مون کي ۽ منهنجي ڀاء ۽ منهنجي خاندان وارن زوهيب نظر ٺوڙهو ۽ 2نامعلوم ڌمڪائي  ۽ موتمار ڌمڪيون ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء به ڌمڪائي رهيا آهن هن چيو ته اهي مون سان 7مهينا زيادتي به ڪندا رهيا جنهن مان مون کي پيٽ به ٿيو آهي هنن آء جي سنڌ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته انهن خلاف ڪاروائي ڪري مون کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.