قيدي اسپتال منتقل ڪرڻ تي سينٽرل جيل ڪراچي جو سينيئر سپريڊنٽ معطل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سينٽرل جيل ۾ بااثر قيدين کي جيل کان نجي اسپتال منتقل ڪرڻ تي وزير وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حڪم تي سينيئر سپريڊنٽ ڪراچي سينٽرل جيل محمد حسن سهتو کي معطل ڪيو ويو آهي سروسز جنرل ايڊمنسٽريٽرشن اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران ان جو معطلي جو نوٽيفڪيشن ڪري ڇڏيو  جڏهن ته وزير آعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي حڪم تي بااثر قيدين کي جيل کان نجي اسپتالن ۾ رکڻ واري معاملي جي ايڊيشنل سيڪريٽري جيل خانه جات ۽ گهرو کاتو جاچ ڪري رهيو آهي جاچ رپورٽ وزير آعلي سنڌ ڏانهن جمع ڪرائي ويندي.

  • پيٽرول  ۽ ڊيزل 5، 5 رپيا مهانگو ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد (م ڊ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽرول شين جي اگھن ۾ 5 کان 6 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي. ذريعن موجب پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي وئي آهي جنهن ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 50 پيسا في ليٽر واڌ جي تجويز آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگھه ۾ 5 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگھه ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح گاسليٽ 6 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز به سمري ۾ شامل آهي. اگھن ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو ۽ ناڻي واري وزارت اڄ نئين قيمتن جو اعلان ڪندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.