اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس: افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ جو عزم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ افغانستان تي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان ضرورت جي هن وقت ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندو.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي.

ڪميٽي افغانستان ۾خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته وزير اعظم افغان عوام جي لاءِ گڏيل قومن پاران ڪيل امداد جي اپيل جي آجيان ڪئي.

وزير اعظم چيو ته پاڪستان افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پر عزم آهي، افغانستان ۾ انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ تعليم يافتا ۽ تربيت يافتا افرادي طاقت افغانستان اماڻي وڃي.

هن چيو ته انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ ميڊيڪل، آءِ ٽي، فنانس ۽ اڪائونٽنگ ۾ ماهر افرادي طاقت جي ضرورت آهي.

وزير اعظم هدايت ڪئي ته افغانستان جي بحالي جي لاءِ ريلوي، معدنيات، فارماسوٽيڪل ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ سهڪار وڌايو وڃي.

اپيڪس ڪميٽي افغانستان کي مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏڻ جو عزم ورجايو ۽ عالمي برادري ۽ امدادي ادارن کان نازڪ صورتحال ۾ افغانستان جي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

ڪميٽي چيو ته افغانستان جي امداد سان معاشي تباهي ۽ قيمتي جانيون بچائي سگهجن ٿيون، افغانستان تمام گهڻي ٿڌ دوران بک ۽ بحران جي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، ماڻهن جي لاءِ مناسب خوراڪ ۽ رهائش حاصل ڪرڻ مشڪل آهي.

ڪميٽي امدادي ادارن تي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ  زور ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.