اڄ حالتون اهڙيون آهن خبر ناهي ته ڪيترا الطاف بڻجندا؟ مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اڄ جهڙيون حالتون آهن خبر ناهي ته ڪيترا الطاف حسين بڻجندا،  اڄ اُهڙي طرح جون خراب حالتون هيون جو ايم ڪيو ايم ٺهي آهي؟ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي دور ۾ توهان ڪڏهن ٻڌو ته چيف جسٽس عدالت لڳائي هجي، منهنجي دور ۾ ڪڏهن توهان ڏٺو ته آرمي چيف نالن جي صفائي ڪرائي، پيپلزپارٽي جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان مان ڪيترو وقت امن قائم رهندو؟ اسان ”را“ جو مقابلو ڪري ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو، ڪراچي جو مقامي مسئلو نه پر پاڪستان جي سلامتي جو مسئلو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.