حيدرآباد ۾ نوجوان ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي ڇت تان ڪري پيو، زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٽڪ ٽاڪ جو شوقين نوجوان ٽڪ ٽاڪ جي وڊيو ٺاهيندي گهر جي ڇت تي ڪري زخمي ٿي پيو. حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس سول اسپتال کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو. لطيف آباد نمبر 11 جو رهواسي  18 ورهين جو نوجوان حماد پنهنجي گهر جي ڇت تي ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي ٻئي گهر جي ڇت مٿان ڪري زخمي ٿي پيو. زخمي نوجوان هڪ ڪلاڪ تائين ڇت تي زخمي حالت ۾ پيل رهيو. ڳولا بعد وارثن حماد کي هٿ ڪري سول اسپتال منتقل ڪيو. طبيعت ڳڻتي جوڳي هجڻ جي ڪري کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.