نندو واسي پوليس اهلڪار جو وياخ خور جي زيادتين خلاف احتجاج

نندو ( ن ع آ ) نندو رهواسي پوليس سپاهي عباس علي قمبراڻي  نندو ۾ عوامي آواز  سان ڳالهائيندي ٽنڊوباگو رهواسي واپاري اصغر عرف اشو خواجه تي الزام هڻندي چيو آھي ته مذڪره واپاري کان 2016/ 7 ۾ هڪ لک روپيه وياج طور کنيو هو جنهن کي مارچ 2018ع تائين ماهوار پنڌرنهن هزار روپيه وياج طور ڏيندو رهيس ۽ جنهن بعد ساڳي مهيني ۾ نيشنل بئينڪ مان ايڊوانس پگهار کڻي هڪ لک 25 هزار روپيه ڏنم جنهن کان پوءانهي مون کي گروي ۾ رکيل چيڪ واپس نه ڪيا هن وڌيڪ ٻڌايو ته پئسه ڏيڻ بعد ڪجھ مهينن کان پوء مذڪره واپاري پنهنجي هڪ رشتيدار  بئينڪ مئينجر ذوالفقار علي خوقجه معرفت تلهار شوگر ملز جي بئينڪ مان پئسه ڪڍائيندو رهيو ۽ تازو نومبر ۾ منهنجو آيل پگهار 42 هزار پڻ ڪڍائي ويو جنهن جي خبر پوڻ بعد جڏهن مذڪره واپاري کي چيم ته پئسه ڏيڻ بدران الٽو جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آھي هن وڌيڪ ٻڌايو ته مون اهڙي شڪايت ايس ايس پي بدين کي پڻ ڏني آھي پر مذڪره واپاري بااثر هئڻ سبب درخواست واپس وٺڻ جي ڌمڪيون ڏيئي رهيو آھي هن آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کا. مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي واپاري اصغر خواجه خلاف قدم کڻي مون سان انصاف ڪيو وڃي ورنه ٻئي صورت ۾ آئون سخت احتجاج ڪندس.

  • پيرڳوٺ ۾ پوليس ۽ بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ وليو شيخ جي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن پوليس ۽ بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن بهرام شيخ، عمران، مسمار بابران،  علي شير شيخ ۽ ٻين چيو ته پيرڳوٺ پوليس برادري جي بااثر عبدالحميد شيخ جي چوڻ تي گهر تي چڙهائي معمول بڻائي ڇڏي آهي، ڦرلٽ سان گڏ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو. هنن چيو ته بااثرن جي زيادتين ڪري ڳوٺ مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون. هنن ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي خيرپور پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

  • ٽنڊومستي لڳ حادثو، 3 ڄڻا سخت  زخمي

ٽنڊومستي (ن ع آ)  ٽنڊومستي ڪولاب جيئل لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر نتيجي ۾ ٻٽو چانڊيو واسي نوجوان اعجاز پٽ شاھ بخش چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو ٻئي طرف ڪولاب جيئل  واسي علي در ملاح ۽ ٻٽو چانڊيو واسي شبير چانڊيو معمولي زخمي ٿي پيا جن کي راھگيرن پاران ٽنڊومستي جي مقامي اسپتال علاج لاء پھچايو جتي نوجوان اعجاز چانڊيو جي  ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ ڪري کيس ٽنڊومستي پوليس علاج لاء ميڊيڪل ليٽر ڏئي سول اسپتال منتقل ڪرائيو  ٻئي طرف ٽنڊومستي پوليس ڪولاب واسي علي در ملاح کي موٽر سائيڪل سميت تحويل  ۾ وٺي ڇڏيو جڏھن ته اھڙي حادثي جو آخري اطلاعن تائين ٽنڊومستي ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.