گهوٽڪي ۾ جي يو آءِ طرفان ڀاڻ نه ملڻ خلاف ريلي

گهوٽڪي (ڊ ر)جميعت علماءِ اسلام تعلقه گھوٽڪي پاران تعلقه امير حافظ سراج احمد چنا جنرل سيڪريٽري مولانا غلام رسول ڪلھوڙو  ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد قاسم کھاوڙ ۽ نائب امير مولانا الھڏنو چنا جي اڳواڻي ۾ گھوٽڪي جي ھارين ۽ آبادگارن کي ڀاڻ نه ملڻ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ خلاف پريس ڪلب  گھوٽڪي کان ريلي ڪڍي اسسٽنٽ ڪمشنر گھوٽڪي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو، گهوٽڪي کان علاوه سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ سنگين ٿي وئي آھي، آبادگارن جي احتجاجن باوجود ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو جاري، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ زراعت کاتي جي عملدارن تي ڀاڻ جي کوٽ ۾ ملوث هجڻ جو الزام ھنيو ويو، ، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته انتظاميه جي نااهلي سبب ڊيلرن ڀاڻ جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي ۽ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.