سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

ميهڙ( رپورٽ: فراز چنو) سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ  ۽ شاگردن کي حراسان ڪرڻ خلاف ميهڙ ۾ سنڌ شاگرد سڀا  پاران ميهڙ پريس ڪلب اڳيان شفقت جهتيال ۔ سعود چانڊيو ۔فرمان چنا ۔  ابوذر ٻگهيو ۔ آزاد چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ۔ ان موقعي تي هنن چيو ته ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي الزام ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري شاگردن کي حراسان ڪيو پيو وڃي ۔ هنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا ثقافت ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان به ڪيو پر ان باوجود شاگردن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ثقافت ڏهاڙو ملهائيندڙ شاگردن جي والدين ڏي شوڪاز نوٽيس موڪليا ويا آهن ۔ هنن گهر ڪئي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس واپس وٺي شاگردن کي حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.