چيف جسٽس 7 جنوري تي ٽن ڏينهن جي دوري تي ٿر پهچندو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد 7 جنوري تي ٽن ڏينهن جي دوري تي ٿر پهچجندو،جنهن بعد 8 جنوري  تي مٺي ۾ ٿرپارڪر بار ايسوسيئشن پاران ڪوٺايل تقريب واري دعوت ۾ شرڪت ڪندو ۽ ڊجيٽل لائبريري جو افتتاح پُڻ ڪندو،اُنهي حوالي سان ٿرپارڪر بار ايسوسيئشن جي جنرل سيڪريٽري وڪيل منور ساگر عوامي آواز جي رابطي تي ٻُڌايو ته چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿربار ايسوسيئشن جي ڏنل دعوت تي پهچندو،جتي هُو تقريب ۾ شرڪت سان گڏ ڊجيٽل لائبريري جو پُڻ افتتاح ڪندو،هوڏانهن ٻي پاسي ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته چيف جسٽس پاڪستان 8 ۽ 9 تاريخ تي ٿر جو به دورو ڪندو،دوري دوران چيف جسٽس صحت،تعليم،پاڻي توڙي ٻين معاملن کي ڏسندو،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته چيف جسٽس ڪارونجهر جو دورو ڪندو ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي سميت ڊيمن وارن ڪمن جو جائزو وٺندو،رپورٽون آهن ته چيف جسٽس ڪارونجهر واري معاملي تي مقامي ماڻهن سان پُڻ ملندو،مليل رپورٽن موجب ته چيف جسٽس ننگرپارڪر ۾ قديمي ماڳن تي به ويندو،چيف جسٽس جي ٿر ياترا واري پروگرام بعد انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي،خاص ڪري صحت کاتي جا عملدار ڊُڪ ڊوڙ ۾ لڳي ويا آهن،صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچهو جي دوري بعد ڊويزنل ڪمشنر بعد ٿر لهي پيو آهي،ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ اچي ويئي آهي،جيڪي اسپتالن کي چمڪائڻ هينئرکان ئي لڳي وئي آهي، هوڏانهن ٿر جي آر او پلانٽ جا ملازم به اوسلو ڪمپني خلاف احتجاج ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.