ٿر جي ھاريءَ جي ھر سال جي ڪھاڻي 

تحرير؛مھاديو مڪواڻو

ٿر ۾ 95 سيڪڙو آبادي ٻھراڙين ۾ آباد آھي، ۽ ايڏي وڏي آبادي جي ٻارن کي نه جديد سائنسي دور ۾ معياري تعليم ميسر آھي نه ئي بنيادي صحت جون ڪي سھولتون ميسر آھن. ڪم و پيش ٻھراڙين ۾ آباد ماڻھن جو گذر ٻنيءَ ٻاري، چوپائي مال ۽ مڙيئي مزدوري جي نالي تي ٿيندڙ ويڌن تي آھي. ٻني ٻاري ۽ چوپائي مال تي گذارو ڪندڙ ماروئڙن جي انھن معاشي ذريعن تي، موسمن جو، بيمارين جو، برسات پوڻ جو، برسات گهڻي پوڻ جو، برسات نه پوڻ جو ڪيترو ۽ ڪھڙو اثر ٿئي ٿو تنھن جو جائزو ھر سال جي شايع ٿيندڙ سوين مضمونن ۽ رپورٽن مان وٺي سگھجي ٿو. ٿرين جي لاءِ برسات  اتساھ ٿي ايندي آھي. ٿريئي جي سال جي شروعات نه ڪنھن ڪئلينڊر سان ٿيندي آھي نه ڪنھن پرٻ سان پر؛ برسات ئي انھن جي لاءِ سٺي سال جو اھڃاڻ ھوندي آھي. سال جي پھرين برسات سان ٿر جي ماڻھن جا ساڻا ٿيل خواب ڪر موڙي اٿندي پوندا آھن ۽ ساڀيان جي راھ ھلڻ لڳندا آھن. 

ھي ھن ئي سال فصل پچڻ کان ڪجهھ ڏينھن پھرين جي ڳالهھ آھي، جڏھن منھنجي فيلڊ جي دوران ھڪ ڳوٺاڻي سان ملاقات ٿي، فيلڊ جي ساٿين جي اطلاع تي ھمراھ اسان جو انتظار ڪري رھيو ھيو، جنھن جي سڄي آڪاھ ٻنيءَ ٻاري جي ڪم سان لڳل ھئي، سندس جا ٽي پٽ جن مان ھڪ پرڻيل ھيو ۽ باقي ٻه ھن سال شادي جا اميدوار آھن، جنھن ڪچھري ۾ مذاق ڪندي پنھنجي سڀني کان ننڍي پٽ کي چيو ته ”صاحب جي ڳالھين مان لڳي ٿو ته ھيل به تنھنجي شادي نه ٿي سگھندي“، جيئن ته اسان جي ڪچھري جو موضوع به اچي فصل جي اگھن بابت نڪتو ھيو جنھن بابت ڳالھه ٻولهه ٿي رھي ھئي. يقين ڪيو ان ھاريءَ جي سڄي آڪاھ جي تمام منصوبه بندي انھن جي فصل لھي منڊي ۾ وڪرو ڪرڻ تي ٻڌل ھئي، ھي ھمراھ جنھن سان اڳئين سال جا ڪجھه قرض ڀرڻ وارو آھي، ڌيءَ جي شادي ٻڌل آھي، پٽن جي شادي ٻڌل آھي، برساتن ۾ جھريل جھوپا وري اڏڻ جي آس به فصل جي اگهھ سان جڙيل آھي ته پوٽن جي لاءِ ڪپڙا لٽا وٺڻ جو خواب به منڊي ۾ فصل جي اگھه سان وابسطه آھي. ھن پنھنجي زمين جي کيڙي کان ويندي ٻڄ جي خريداري جو سمورو داستان جڏھن ٻُڌايو ته محسوس ٿيڻ لڳو ته اَن جي ھڪ ھڪ داڻي کي ڄڻ ڳڻي ڪري ھن پنھنجن خواھشن جو محل ٺاھيو پئي. مونکي منڊيءَ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار جي ڪو ايتري ڄاڻ ته نه ھئي پر اھو ھر سال ٻُڌڻ ۾ ايندو آھي ته ”ھن سال به ٻڄ ھزارن ۾ ورتو پر فصل سَون جي اگهھ ۾ به سيٺيا نٿا وٺن“. وقت تي اگهھ سٺا نه ھئڻ جي باوجود به ڪجهھ ھاري نه چاھيندي انڪري به فصل وڪڻڻ تي مجبور ھوندا آھن جو انھن وٽ فصل رکڻ جي لاءِ جڳهھ نه ھوندي آھي ۽ جي رکن ٿا ته اھي ڌريون جيئڻ محال ڪري ڇڏيندون آھن جن کان قرض وٺي انھن ٻڄ ورتو ۽ کيڙيءَ جا خرچ پورا ڪيا ھيا. اڪثر اھي ڌريون اھي ئي آھن جن جي ڪاروبار جي منافعي جو محور ھاري جي محنت جو استحصال ھوندو آھي، جيڪي مجبور ھارين کي وقت تي تمام مھانگي اگھه ۾ ٻڄ ڏئي انھن جون ٻنيون تڪينديون رھينديون آھن ته ڪڏھن فصل ٿو پچي جو ھارين جو وات جو گرھ کسي انھن کي وري ھڪ سال جي لاءِ بک ڀيڙا ڪن. 

جيتري محنت ٿر جو ھاري ڪري ٿو ان کي محنت جو ڦل منڊي مان نٿو ملي، پر انھي ڳالهھ ۾ به ڪو شڪ نه آھي ته ھاريءَ جي محنت جو سلو ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري سطح تي ڪنھن به قسم جي عملي پيش رفت ٿي نه آھي نه ئي ڪو قانون سازي ٿي سگھي آھي. ساڳي طرح ھن قسم جي ناانصافي نه فقط ٿر ۾ ٿئي ٿي پر جتي جتي، جڏھن جڏھن ھاري پنھنجي محنت ۽ ڪيتريون ئي آسون کڻي منڊي جو رخ ڪري ٿو، تڏھن تڏھن منڊي مڪاري جو گھر بڻجي ويندي آھي ۽ ھاري منڊي کان واپس ايندو آھي ته جنس سان گڏ ڪيئي اميدون وڪڻي فقط چند ڏوڪڙ ئي ھٿ ڪري سگھندو آھي، جنھن جو تمام وڏو حصو اڳ ۾ کنيل قرض ۾ ڏيئڻو ھوندو آھي. محنت ڪش سان ھن قسم جي مشخري ڪنھن ھڪ شھر جي ڳالهھ نه آھي، ھي ھر منڊيءِ جو قصو آھي.

ھيل ٿر جي ھارين سان ٿيندڙ ناانصافي تي احتجاج دوران جيڪي بنيادي مسئلا بحث ھيٺ رھيا انھن مان اھم ھيو برسات پوڻ وارا اگهھ ۽ وري فصل لٿي جي وقت جا اگهھ. دارصل ٻيئي اگهھ مارڪيٽ جا آھن انھن جي مرضي سان طئي ٿين ٿا، جن کان ڪو پڇا ڪرڻ وارو ادارو آھي ڪونه، جي آھي ڪو ادارو ته ڪڏھن نظر نه آيو آھي. جھڙوڪ ٻني پوکڻ جي وقت گوار جو اگهھ 600 روپيه مڻ، ٻاجھر 400 روپيه مڻ، مڱ 8000 روپيه مڻ، موٺ 6000 روپيه مڻ، ۽ ڇانئين جو ٻڄ 5000 روپيه مڻ مقرر ھيو. غريب ھارين ڪنھن نه ڪنھن صورت اھي ٻڄ وٺي ڪري کيڙي ڪئي. ھاڻي جڏھن فصل لٿو آھي تڏھن وري فصل جا اگھ ھن ريت آھن؛ گوار 3800 روپيه مڻ، ٻاجھر 1800 روپيه مڻ، مڱ 3200 روپيه مڻ، موٺ 2500 روپيه مڻ ۽ ڇانئين جو ٻڄ 1500 روپيه مڻ. انھن اھم فصلن کان سواءِ ٿر جي تازين ڀاڄين جا اگهه ھميشه ٽڪي ڌڙي رھيا آھن. ٿر جو ڀاڄيون پوري ملڪ ۾ شوق سان کائجن ته ٿيون پر ٿر جي ڀاڄين کي ٻين شھرن ۾ منڊين ۾ دستياب ڪرائڻ جي لاءِ نه سرڪاري سطح تي ڪوششون نظر اچن ٿيون، نه وري ٿرين جي روزگار ۽ معاشي بھتري جي لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن جو ڪو ڪردار نظر آيو آھي. 

ھن پوري معاملي ۾ مقامي واپاري لاچاري جو اظھار ڪن ٿا ته انھن جي وس ۾ ڪجھه نه آھي. ھا! اسين اھو به ڄاڻون ٿا ته اسان جي نظر ۾ جيڪي ھي وڏا واپاري آھن سي ڪنھن نه ڪنھن واپاري جا محنت ڪش آھن. واپارين جي ان بيوسيءَ تي اسان کي افسوس آھي، پر ان ڳالهھ کان ڪيئن انڪاري ٿيون ته جنھن ناانصافي جي چڪيءَ ۾ سنڌ جا لکين ھاري پيڙھجن ٿا، انھن چڪيءِ جي ھٿيئيءَ ۾ انھن جي ھٿن جو زور آھي. اُھي ھڪ وڏي قوم دشمن، عوام دشمن ۽ محنت ڪش دشمن نظام جي بيوس مددگار بڻيل آھن. واپاري ساٿي جيڪي سمجھن ٿا ته اھي بيوس آھن، ته انھن کي گھرجي ته پيڙھيل طبقي جو سھارو بڻجن ئي انھن جي حقن جي حاصلات جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. جيئن سرڪاري اگھه مقرر ٿي سگھن ۽ ھي ھاريءَ ۽ واپاريءِ جي وچ جي ڇڪتاڻ جي بجاءِ بھترين سموري سنڌ ۾ بھتر معاش جي لاءِ راھون گھڙي سگھجن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.