مٺي ۾ پاڻي کوٽ، شهري عذاب هيٺ، احتجاجي مظاهرو

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) مٺي شهر جي غريب ڪالونين جا سوين رهواسين پيئڻ جي پاڻي جي سهوليت کان مڪمل طور تي محروم آهن،اُنهي سلسلي ۾ مٺي شھر جي مختلف ڪالونين جي رهواسين نهال چند سوراڻي،ڌاڻو ڪولهي،سومار ميگهواڙ،دلپت سنگھ ڀيل جي اڳواڻي ۾ ٻارن سميت خالي برتن کڻي ڊگري بوائز ڪاليج کان ڪشمير چوڪ مٺي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي وئي،مظاهرين دانهيندي چيو ته مسلسل ٻن مهينن کان اسان پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهيون،اسان پاڻي نه ملڻ خلاف ڪيترائي شڪايتن بعد ڊي سي کي درخواستوم ڏنيون،ان کان پوءِ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ وارن کي لکت ۾ ليٽر ڏنوسين پر ان تي اڃان تائين عمل ناهي ٿي سگهيو،ڊي سي ڪنهن به ماڻهو جي مسئلي تي ڌيان ئي نه ٿو ڏي،جنهن سبب غريب ماڻهو سخت پريشان آهن،پبلڪ هيلٿ کاتو صرف نالي ماتر آهي،هتي ٽينڪر مافيا جو راڄ قائم آهي،سياسي آشيرواد سان پاڻي وڪرو ڪري من پسندن کي ڏنو پيو وڃي،وڪرو ٿيندڙ پاڻي جا پئسا حصو پتي ڪي ٿا وڃن،هنن چيو ته هڪ طرف اسان پاڻي جي بوند لاءِ پريشان آھيون ته ٻئي طرف بااثرن جي گهرن تائين ميونسپل جي ٽئنڪرن ۽ فائر برگيڊ گاڏين ذريعي پهچايو پيو وڃي،اسان جي دانهن باوجود ڪو کڙتيل ناهي نڪري سگهيو،هتي ڪربلا جهڙا منظر آهن،غريب آبادين تي ڪنهن جي نظر نه ٿي پهچي،انتظامي معاملا رولڙي جو شڪار آهن،ڪو نه آفيسر پنهنجين آفيسن ۾ نه ٿو ويهي،مسڪين در در ڌڪا کائي ٿڪجي پيا آهن،ڪير به دانهن نه ٿو ٻُڌي،شهر لاوارث لڳو پيو آهي،اسين مطالبو ڪيون ٿا ته معاملي جو نوٽيس وٺي غريب آبادين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.