گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ رد، فوري بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل شهري مشتاق سميت ٻين جي بازيابي جي حوالي سان ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پوليس پاران جمع ڪرايل رپورٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايف آءِ اي کان مشتاق جي ٽربيول جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، عدالت پوليس کي سمورن گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ گهرو کاتي کي به رپورٽ جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت سمورن جاچ ۽ لاڳاپيل ادارن کي هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.