حيدرآباد جي مختلف علائقن مان 3 لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي مختلف علائقن مان 3ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، ڦليلي جي درگاهه مصري شاهه واري علائقي ۾ هڪ 35 ورهين جي پورهيت جمشيد ٻرڙو جو لاش مليو، جيڪو ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جي زال جو چوڻ آهي ته هن ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات پنهنجي مڙس کي ماني ڏني جنهن بعد هو ڀر ۾ قائم پنهنجي والد جي گهر هلي وئي.اش مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي. هوسڙي جي علائقي قدوس ڪالوني ڀرسان اڪرم واهه مان نوجوان جو لاش هٿ آيو. علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس لاش واهه مان ڪڍرائي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش 35 کان 40 سالن جي شخص جو لڳي رهيو آهي پر سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري لاش مرده خاني ۾ طور رکرايو ويو آهي. هوڏانهن هوسڙي جي علائقي قدوس ڪالوني ڀرسان اڪرم واهه مان نوجوان جو لاش هٿ آيو. علائقي واسين لاش لڙهندو ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس پهچي لاش واهه مان ڪڍرائي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.