سنڌ يونيورسٽي ۾ فيس وارو معاملو حل نه ٿيو، ٽين ڏينهن به بک هڙتال

ڄامشورو ( ڊ ر ) مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾  فيسن ۾ واڌ خلاف ٽين ڏينهن به شاگرد سراپا احتجاج بڻيل آهن. ماسٽرس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي سالياني فيس ۾ واڌ خلاف شاگردياڻين ۽ شاگردن انصار ٻرڙو، سنجها چنا، راشد زرداري, ڪامڀو خان عمراڻي, امر آڪاش لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڊمنسٽريشن بلڊنگ اڳيان قائم ڪيل بک هڙتال ٽين ڏينهن به جاري آهي، بک هڙتال ڪئمپ ۾ شامل شاگردن توڙي شاگردياڻين پاران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو خلاف وقفي وقفي سان سخت نعريبازي ڪئي پئي وڃي, شاگردن پاران گذريل ٽن ڏينهن کان مسلسل بک هڙتال ڪرڻ سبب شاگردن جي حالت پڻ خراب ٿيڻ لڳي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.