پاڪستان جي سخت موقف ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

 

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊيوڊ وائيٽ چيو آهي ته پاڪستان سان رد ٿيل ميچون ڪجهه عرصي ۾ ٻيهر کيڏڻ بابت سوچينداسين.

پنهنجي تازي بيان ۾ ڊيوڊ وائيٽ چيو ته نيوزيلينڊ جي ٻيهر پاڪستان دوري جي حوالي سان ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ٿيل مالي نقصان بابت به غور ويچار ڪيو ويندو.

هن چيو ته پاڪستان هجي يا انگلينڊ، سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ سڀني کان اهم آهي، دورو رد ٿيڻ باوجود پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ويجها لاڳاپا بحال رکي سگهجن ٿا، پاڪستاني عوام ڪرڪيٽ لاءِ جذبو رکي ٿو.

سندس چوڻ هو اسان کي خبر آهي ته پاڪستاني عوام کي افسوس ٿيو آهي، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پاڪستاني مداحن جو ڏُک سمجهي ٿي.

واضح رهي ته وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي پهتل نيوزيلينڊ جي ٽيم کي گرين شرٽس خلاف 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻيون هيون پر راولپنڊي ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات کان ڪجهه وقت اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ شوقينن توڙي ڪرڪيٽرن طرفان سخت ردعمل سامهون آيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.