ميرپورخاص ۾کٿابين سان بدفعلي جي تصديق، جوابدار جا جزا ورتا ويا

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ ٻن معصوم ٻارن کي ڪيترائي مهينن تان درندگي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار نعمان شيخ کي  پوليس گرفتار ڪرڻ بعد گذريل ڏينهن سندس طبي چڪاس ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ جزا وٺڻ لاءِ پوليس جي سخت پهري ۾ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو، جوابدار جي سول اسپتال پهچڻ تي ذريعن موجب اسپتال ۾ موجود ماڻهن پاران پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندي کيس لعنتون ڏنيون، ڊاڪٽرن جوابدار جا جزا ورتا جنهن بعد جوابدارکي پوليس جي سخت پهري ۾ واپس ٿاڻي وٺي وئي، ذريعن موجب ٻارن جي طبي چڪاس دوران ڊاڪٽرن پاران شروعاتي ۽ غير حتمي چڪاس ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جنهن بعد ٻارن جي ڪيميڪل رپورٽ جو انتظار آهي. ٻن معصوم ٻارن سان وحشي صفت انسان پاران ڪيترن ئي مهينن تائين درندگي ڪرڻ واري واقعي بعد مذهبي اڳواڻن ۾ جوابدار خلاف سخت نفرت ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس وحشي قرار ڏيندي جوابدار کي قانون موجب سخت ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ  امتياز علي جوڻيجي چيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ ڪري رهيا آهيون اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.