جهڏي ۾ عورت جو ٻارن سميت اڳوڻي مڙس خلاف احتجاج

جهڏو (ت ر) جهڏو ۾ ڪنري واسڻ عورت شريمتي گنگا ڪولهي معصوم ٻارڙن سميت اڳوڻي مڙس خلاف ميڊيا سينٽر جهڏو تي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪجھ عرصو اڳ مون پنهنجي مرضيءَ سان اڳوڻي مڙس ويرسي جي ظلمن کان تنگ ٿي طلاق ورتي هئي اڳوڻي مڙس مان 5 ٻارڙن جو اولاد آهي، اٽڪل ٻه مهينا اڳ امريو ڪولهي سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ شاديءَ ڪئي آهي، جنهن بعد منهنجو اڳوڻو مڙس ويرسي ۽ منهنجا مائٽ جان جا دشمن بڻجي ويا آهن، اڳوڻو مڙس ويرسي، ۽ سندس ڀائر ٻيجلو، سونو، موهن، ڀورو ۽ سندس مائٽ هم صلاح ٿي موت مار ۽ ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، جنهن سبب جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، ڄاڻايل ماڻهن مان سخت جاني مالي نقصان جو خطرو آهي، هن ايس ايس پي عمر ڪوٽ، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايس پي بدين، سميت سمورن وس وارن کان اپيل ڪئي ته تحفظ ڏيئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.