گهرو کاتي جي آفيس تي ڇاپو، 2 آفيسر معطل

ڪراچي(رپورٽ: وقار شر) سنڌ جي گهرو کاتي پاران سيڪيورٽي ڪمپنين جي لائسنس ۽ هٿيارن جي ڪوٽا ۾ وڏي پيماني تي  بيقاعدگين جو انڪشاف، وڏي وزير جي هدايت تي وقتي چيف سيڪريٽري جو سنڌ سيڪريٽريٽ اندر واقع گهرو کاتي جي آفيس تي ڇاپو، سيڪيورٽي ڪمپنين کي رجسٽرڊ ڪرڻ، لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ هٿيارن جي ڪوٽا فراهم ڪندڙ آفيس مان رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ٻن آفيسرن کي موقعي تي معطل ڪري ڇڏيو، ذريعن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه کي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فون ڪري هدايت ڪئي ته سيڪيورٽي ڪمپنين کي ڏسندڙ آفيس ۾ بيقاعدگين جون شڪايتون مليون آهن ان ڪري ان معاملي کي هو پاڻ وڃي ڏسي، چيف سيڪريٽري اهڙي هدايت ملڻ بعد گهرو کاتي جي آفيس ۾ واقع سيڪيورٽي ڪمپنين کي رجسٽرڊ ڪرڻ ۽ انهن کي هٿيارن جي ڪوٽا ڏيڻ واري آفيس پهچي رڪارڊ چيڪ ڪيو، ان موقعي تي آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ آفيسر حيران پريشان پڻ ٿي ويا، ذريعن موجب چيف سيڪريٽري ان دوران سيڪيورٽي ڪمپنين کي ڪوٽا سميت مختلف معاملن جون فائلون ۽ رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو جڏهن ته موقعي تي ٻن آفيسن احمد علي شيخ ۽ رحيم قريشي کي معطل پڻ ڪيو، ذريعن ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي ۽ ان معاملي جي پاڻ جاچ ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.