بشير شاهه تي حملو ڪندڙ گرفتار ڪيا وڃن:جسم

حيدر آباد (پ ر ) جيئي سنڌ محاذ  سينٽرل ڪميٽيءَ جي ميمبر سيد بشير شاهه جي ڳوٺ باقر شاھ ويجھو راڻيپور ضلعو خيرپور ميرس ۾ سندس زمين تي ڏوھاري الطاف شاهه پاران ڪيل ناجائز قبضي ۽ سيد بشير شاه تي غنڊن جي ذريعي ڪيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جسم جي قائم مقام چيئرمين ھاشم کوسي، جنرل سيڪريٽري امداد چاچڙ ۽ سينئر اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجي چيو آھي ته بشير شاه ھڪ ايماندار ۽ باڪردار سياسي ڪارڪن آھي جنھن جي ذاتي زمين تي ڏوھاري الطاف شاھ علائقي جي بدماشن جي مدد سان قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، ان عمل ۾ پوليس پڻ ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل آھي جنھن جي پڻ مذمت ڪندي گھر ڪئي وئي ته پوليس ڏوھارين جي سرپرستي ڪرڻ جي بجاءِ سيد بشير شاه جي زمين تان فوري طور قبضو ختم ڪرائي ۽ بشير شاه تي ٿيل جسماني تشدد جو ڏوھارين تي ڪيس داخل ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ان عمل خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.