اسلام ڪوٽ ۾رهواسين جي احتجاج بعد ڊگري ڪاليج جو ڪم بند

اسلام ڪوٽ (رپورٽ:غازي بجير) اسلام ڪوٽ تعلقي لاءِ منظور ٿيل ڊگري ڪاليج جي اسڪيم جي ڪم ۾ مبينا ڪرپشن سبب ڊگري ڪاليج جي بلڊنگ جو ڪم بغير پلاننگ ۽ وڏي پلاٽ پوزيشن تي ٺاهڻ بجاءِ شهر اندر هاءِ اسڪول جي راندين واري گرائونڊ تي بند گلي اندر ٺاهڻ واري عمل کانپوءِ هاءِ اسڪول انتظاميه توڙي تعلقي جي عوام پاران تحفظات جو اظهار ڪندي ڪاليج جي بلڊنگ شهر جي ڳتيل آبادي اندر ٺاهڻ بجاءِ شهر کان ٻاهر  کليل ڪنهن وڏي ايراضي جي پلاٽ تي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي،ان سلسلي ۾ رهواسين عبدالغني بجير،مبارڪ علي بجير،شاهنواز خاصخيلي،احمد علي سانگي،صديق بجير، وريام لنجو،ڀيمراج ميگهواڙ،اشرف سمون ۽ ٻين چيو ته پوري سنڌ ۾ جتي ڪاليج ٺهيا آهن اهي شهر ٻاهران کليل ميدان ۾ 8 کان 10 ايڪڙ زمين تي ٺاهيا ويا آهن پر بدقسمتي سان اسلام ڪوٽ ۾ انتظامي لاپرواهي سبب هاء اسڪول جي راندين واري گرائونڊ تي اسڪول انتظاميه جي انڪار باوجود زبردستي ڪم شروع ڪيو پيو وڃي جيڪا انتهائي غلط عمل آهي هي گرائونڊ ننڍو آهي جتي اسڪول جا شاگرد راند ڪن ٿا ۽ ڪاليج لاءِ روينيو انتظاميه طرفان شهر کان ٻاهران 3 کان 4 پلاٽ پوزيشن ڏني آهي پر ان باوجود ڪجھ ماڻهن جي چوڻ تي هن ننڍي پلاٽ تي بلڊنگ ٺاهي ڪاليج جي شڪل بگاڙي پئي وڃي انهي ڪري اسان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي نوٽس وٺي ڪاليج جي بلڊنگ شهر جي ٻاهران وڏي ايراضي جي زمين تي ٺاهي وڃي ته جينئن ايندڙ نسل جو مستقبل بهتر هجي،هوڏانهن رابطي تي بلڊنگ اينڊ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي چيف انجنيئر عارف حسين ٻُڌايو ته پاڙي وارن جي اعتراض بعد اسان عارضي ڪم بند ڪرايو آهي ٻئي پلاٽ پوزيشن ملڻ توڙي مٿان کان ٻئي حڪم ملڻ بعد ڪم شروع ڪيو ويندو هن چيو ته ڪميونٽيز جي اعتراض کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي،هوڏانهن ٻئي پاسي اڄ ڊگري ڪاليج جي تڪراري ڪم خلاف رهواسين پاران احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي،پاڙي وارن جي سخت اعتراض بعد ايجوڪيشن کاتي هلندڙ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.