شاداب خان نئين اسڪواڊ مان پر اميد

 

قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان چيو آهي ته سلڪيشن جي حوالي سان چيف سليڪٽر محمد وسيم وضاحت ڏئي ڇڏي آهي.

چيف سليڪٽر محمد وسيم ڪجهه ڏينهن اڳ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو جنهن تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم طرفان خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو.

هاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان آن لائين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي تجويز ڪيل چيئرمين رميز راجا سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ هو اسانکي ٻڌائڻ چاهي پيو ته اسانکي ڪهڙي راند کيڏڻي پوندي، رميز راجا اسان کي ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ کيڏائڻ چاهي ٿو ۽ جارحاڻي انداز ۾ راند کيڏندي ڏسڻ چاهي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته بابر اعظم ۽ مان به ان ئي حق ۾ آهيون ته اسان کي ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، هاڻي نتيجا نٿا ملن پر اڳتي هلي ان جا نتيجا به ملندا، اسان کي ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ جو ڪلچر اپنائڻو آهي.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ ٽيم سليڪشن تي ڳالهائيندي شاداب خان چيو ته سليڪشن جي حوالي سن چيف سليڪٽر وضاحت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته بورڊ به ٽيم جي حوالي سان ٿيندڙ ڳالهين جي وضاحب گذريل ڏينهن ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجي باري ۾ ڳالهائيندي شاداب خان چيو ته مان انجريز سان منهن ڏيندو رهيو آهيان جنهن جي ڪري مان پنهنجي رڌم کي برقرار رکي نه سگهيس، هاڻي مان گهڻي محنت ڪئي آهي ۽ رڌم ۾ به آهيان، ٽيم جي لاءِ سُٺو ئي ڪندس.

شاداب خان چيو ته مصباح الحق ۽ وقار يونس جو فيصلو انهن جي ذاتي راءِ آهي، ان تي ڪو به تبصرو نه ڪندس، اها ڳالهه صحيح آهي ته آئيڊيل صورتحال ناهي پر اسان جي هٿ ۾ سٺي راند کيڏڻ آهي ۽ ان تي ئي فوڪس آهي.

قومي ٽيم جي نائب ڪپتان چيو ته نيوزي لينڊ خلاف سيريز شروع ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ، ڪرڪيٽ ۾ڪنهن به شيءِ جي گارنٽي نٿي ڏئي سگهجي ته هر ميچ ۾ پرفارمنس هوندي.

هن ٻڌايو ته رميز راجا اسان کي اعتماد ڏنو آهي ته ڪاميابي به ملندي ۽ ناڪامي به ملندي پر اسان کي بنا خوف واري راند کيڏڻ جو ڪلچر اختيار ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.