قمبر ، سڳيون ، سکر ، غوثپور ۽ تلھار جون خبرون

قمبر: فرينڊس ويلفيئر اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران شهر ۾ گندگي خلاف علامتي بک هڙتال

سڳيون:ڳوٺ لعل ڏنو چنو واسي نوجوان موٽر سائيڪل تان ڪري زخمي، اسپتال ۾ فوت

سکر: خورشيد شاھ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري  ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي

غوثپور: دايا برادري ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار  تان جهيڙو، 2 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي

تلهار: ڳوٺ حاجي خان لاشاري جي رھواسڻ جي  مبينا طور وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

1

قمبر فرينڊس ويلفيئر اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران شهر ۾  صفائي نه ٿيڻ ۽ نالين جو پاڻي اٿلي روڊ تي بيهڻ خلاف  شهداء چؤنڪ تي سڪندر جهنڊير، خالد حسين مارفاڻي، گلشن چانڊيو، عبدالفتاح قريشي، عبدالشڪور ميمڻ،  ۽ ٻين ،جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر سمورو گندگي جي ڍير ۾تبديل ٿي چڪو آهي ۽ نالين جو پاڻي اٿلي روڊ تي ۽ گهٽين ۾ بيهڻ سبب شهرين کي سخت اذيت مان گذرڻو پوي ٿو ۽ شهري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا  آهن پر اي سي قمبر ۽ ميونسپل عملدارن جي ڪن تي جوء به ڪا ٿي چري، هنن مطالبو ڪيو ته شهر اندر سمورن محلن ۾ صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي ٻِ صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

2

سڳيون ۾ ڳوٺ لعل ڏنو چنو جو رهواسي 25   ورهين جو عرفان علي ولد ربنواز چنو سڳيون شھر ٻاهران موٽر سائيڪل تان اچانڪ ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي مقامي ماڻهن پاران سڳيون جي سرڪاري اسپتال نيو ويو، جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ان موقعي تي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوان کي پيٽ جو سور پوڻ سبب اسپتال نيو پئي ويو،  سڳيون شھر ٻاهران هو اوچتو موٽر سائيڪل تان ڪري پيو ۽ اسپتال نيندي فوت ٿي ويو ، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،

3

پ پ  جي سينئر اڳواڻ خورشيد احمد شاھ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري  ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي،  عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ  ايندڙ ٻڌڻي 24 ستمبر تائين ملتوي  ڪري ڇڏي، خورشيد احمد شاھ کي سينٽرل جيل سکر کان ايمبولينس ۽ سندس پٽ ايم پي اي فرخ شاھ کي بڪتربند گاڏي تي سخت سيڪورٽي ھيٺ احتساب عدالت ۾ آندو ويو ،  آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري ريفرنس ڪيس ۾ نامزد 18 جوابدار وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيا ، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس ۾ خورشيد احمد شاھ ۽ سندس فرزند ايم پي اي فرخ شاھ جيل ۾ آھن جڏھن ته ساڳئي ڪيس ۾ صوبائي وزير اويس قادر شاھ ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيل آھن

4

شھر جي مکي پاڙي جي دايا برادري ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار  تان ڌريون وري مشتعل ٿي ويون ۽ ھڪ ڌر ٻي ڌر جي گھر ۾ گھڙي عورتن ۽ ٻارن تي حملو ڪري ڏنو،  حملي دوران لٺين ۽ ڪھاڙين جو به استعمال ڪيو ويو جنھن ۾ ٻھ عورتون مائي ارشاد خاتون۔ مسمات صبا۔ عامر۔ عرفان ۽ عمران دايو سميت ھڪ ئي گھر جا پنج ڀاتي سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارث کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال پهتا ، اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود نه هجڻ ڪري ٿاڻي تان ليٽر وٺي کين سول اسپتال ڪنڌڪوٽ روانو ڪيو ويو۔ متاثرن دانھيو ته مشتاق دايو بااثر ھجڻ ڪري ھميشه انهن سان ناجائزيون ڪري ٿو۔ اسان جي گهرن ۾ گهڙي عورتن ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ، ھنن ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ۽ ايس ايڇ او غوثپور کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

5

تلھار ويجھو ڳوٺ حاجي خان لاشاري جي رھواسڻ آسيت زال فيض محمد لاشاري مبينا طور وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ، تلھار ويجھو ڳوٺ حاجي خان لاشاري جي رھواسڻ پنجن ٻارڙن جي ماء آسيت لاشاري عوامي پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو دانھيندي چيو ته چار مھينا اڳ عباس لاشاري ۽ علي احمد لاشاري نشي آور گوريون  پياري هن کي پنهنجي پيء سميت بيھوشي حالت ۾ اغوا ڪري کڻي ويا جن رستي ۾ منھجي پيء کي اڇلي مونکي بابر ماڇي کي لکين روپين عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو ھو جتي بابر ماڇي ھٿيارن جي زور تي مونسان نڪاح مٿان نڪاح ڪري حيدرآباد لطيف آباد واري جاءِ  ۾ بند ڪري ڇڏيو ھو جتان کان وجه وٺي گھر پھتي آھيان،  ھن وزير علي سنڌ آئي جي سنڌ ايس ايس پي بدين کان جوابدارن خلاف فوري ڪاروائي ۽ تحفظ جو مطالبوڪيو آهي .

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.