داسو واقعو: چيني ڪمپني جو پاڪستاني ملازمن کي ڪڍڻ جو فيصلو واپس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) داسو واقعي کانپوءِ چيني ڪمپني فارغ ڪيل سڀني پاڪستاني ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو.

واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته داسو پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني پاڪستاني ملازمن کي ڪڍڻ جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو آهي.

واپڊا ترجمان موجب واقعي کانپوءِ سول انتظاميا، واپڊا ۽ چيني ڪمپني ان معاملي تي گڏيل مشاورت ڪئي، جنهن کانپوءِ اڏاوتي ڪم ڪجهه ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو هو، چيني ڪمپني تمام جلد داسو پراجيڪٽ تي اڏاوتي ڪم ٻيهر شروع ڪندي.

ترجمان ٻڌايو ته پراجيڪٽ تي ڪم جي بندش جو مقصد حفاظتي قدمن کي نئين سر منظم ڪرڻ هو، ان دوران واپڊا چيني ڪمپني جي اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهي.

پڌرائيءَ موجب واپڊا جي ڪوششن جو مقصد داسو پراجيڪٽ تي اڏاوتي ڪم جي جلد بحالي هو.

واضح رهي ته 14 جولاءِ تي اپر ڪوهستان ۾ داسو ڀرسان بس حادثي ۾ چيني شهرين سميت 12 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

واقعي کانپوءِ داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني چائنا گيزوبا پاڪستاني حڪومت کي خط لکي موقف اختيار ڪيو هو ته واقعي سبب ڪم نٿا ڪري سگهون ۽ سڀني پاڪستاني ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.