ڪوهستان واقعو: چيني ڪمپني داسو ڊيم تي ڪم بند ڪري ڇڏيو

 ڪوهستان(ويب ڊيسڪ) ڪوهستان ۾ چيني سان حادثي واري معاملي تي چيني ڪمپني داسو ڊيم تي ڪم بند ڪري ڇڏيو.

داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني چائنا گيزوبا طرفان پاڪستان حڪومت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 14 جولاءِ تي پيش ايندڙ واقعي جي ڪري ڪم نٿا ڪري سگهون.

خط ۾ لکيو ويو آهي ته سمورن پاڪستان ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي پر سمورن ملامن جي گريجويٽي ۽ پگهار ادا ڪئي ويندي.

داسو ڊيم جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر انوار الحق به چيني ڪمپني طرفان لکيل خط جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پراجيڪٽ ڊائريڪٽر انوار الحق چيو ته جيئن ئي سيڪيورٽي معاملا درست ٿيندا ته ڊيم تي ٻيهر ڪم شروع ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.