”داسو واقعي جي شروعاتي جاچ ۾ بارودي مواد جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته داسو واقعي جي شروعاتي جاچ ۾ بارودي مواد جي استعمال جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي فواد چوڌري چيو ته گذريل ڏينهن پيش آيل ڏکوئيندڙ واقعي ۾ دهشتگردي جي امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي، واقعي جي شروعاتي جاچ ۾ بارودي مواد جون شاهديون به مليون آهن.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان داسو واقعي جي جاچ بابت پاڻ جائزو وٺي رهيو آهي ۽ پاڪستان چيني سفارتخاني سان رابطي ۾ آهي، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن.

وزيراعظم جي ازبڪستان دوري بابت سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جو ازبڪستان پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، وزيراعظم جي ازبڪستان جي صدر سان ملاقات ٿي، عمران خان جي دوري جا ٻه مک مقصد آهن، اسان پاڪستان، افغانستان ۽ ازبڪستان ۾ سفري سهولتن جي حوالي سان واڌ چاهيون ٿا ۽ اسان جي ٻي خواهش آهي ته گوادر جي بندرگاهه تان سامان تاشقند تائين اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.