ڀان سيد آباد ۾ موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ، عورت فوت

ڀان سيدآباد  (ن ع آ ڀان سيدآباد ويجهو درگاه سيد طالب شاه وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر  ٿي پيو، جنهن حادثي ۾ بوبڪ واسڻ مسمات عليمان زال علي نواز ملاح فوت ٿي وئي، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا،زخمين جي سڃاڻپ ڌڻي بخش شاهاڻي نالي سان ٿي آهي، پوليس موجب زخمين کي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته فوتي عورت جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.