اڳوڻو صدر ممنون حسين لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اڳوڻو صدر ممنون حسين بيماريءَ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
اڳوڻي صدر جي پُٽ ارسلان ممنون پيءُ جي فوتگي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ممنون حسين ٻن هفتن کان خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
سندس چوڻ هو ته والد ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا هو ۽ اڄ فاني جهان ڇڏي خالقِ حقيقي سان وڃي مليو.
ممنون حسين 2013 کان 2018 تائين پاڪستان جو صدر رهيو ۽ سندس ڳڻپ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻن ۾ ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.