افغانستان مان ڪراچي ايندڙ 22 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) افغانستان مان ڪراچي ايندڙ 22 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.

صحت کاتي موجب وائرس ۾ مبتلا 22 ڄڻن ۾ هڪ عورت ۽ چار ٻارڙا به شامل آهن، متاثرن کي دنبا ڳوٺ ۾ قائم قرنطينه سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض مان ڪراچي پهچڻ واري اڏام جي 17 مسافرن ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.