ڀٽ شاهه : پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ، شهري کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور

شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نگري به پاڻي جهڙي بنيادي سھولت کان بہ محروم آهي ،  شھرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي لاءِ ڪروڙن جي بجيٽ سان واٽر سپلاءِ اسڪيم منظور ڪرائي وئي پر ڪيترائي سال گذرڻ باوجود شھري صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب شھري ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،  جر جو پاڻي کارو ۽ ڪڙو ھجڻ ڪري شھري پري پري کان مٺو ۽ صاف پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهن ان موقعي تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي شھرين چيو تہ جر جو پاڻي کارو ۽ ڪڙو آھي جيڪو صحت لاءِ گهڻو نقصان ڪار آهي ،  ھنن وڌيڪ چيو تہ اسان تڪ جي چونڊيل نمائندن  کي اپيل ٿا ڪريون ته ڀٽ شاھ جي شھرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جون سھولتون ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.