ڪابينا ڪميٽيءَ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي خاص ڪميٽي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

وفاقي ڪابينا جي اي سي ايل بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيب سفارشن جو جائزو ورتو ويو جنهن کان پوءِ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ لسٽ ۾ وجهڻ جو معاملو وفاقي ڪابينا ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي حتمي منظوري ڪابينا ڏيندي.

اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، گهرو وزير شيخ رشيد، احتساب واري مددگار شهزاد اڪبر ۽ قومي احتساب بيورو جي اختيارين شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ بابت ڪميٽي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ احتساب واري مددگار شهزاد اڪبر سان پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رسيد چيو ته خاص ڪميٽي گڏيل طور تي وفاقي ڪابينا کي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، 15 ڏينهن جي اندر اندر شهباز شريف اسان کي نظرثاني جي درخواست ڏئي سگهي ٿو، شهباز شريف پاڻ به ڪميٽي جي آڏو پيش ٿي سگهي ٿو.

شيخ رشيد چيو ته عدالت جو فيصلو بليڪ لسٽ بابت آهي، حالانڪ شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ تي نه هو، شهباز شريف نواز شريف جو ضامن آهي، هو ٻاهر ڪيئن ٿو وڃي سگهي، آئين جي تحت ڪنهن هڪ جوابدار کي خاص رعايت نٿي ڏئي سگهجي.

شهزاد اڪبر:

 ٻئي پاسي شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته ذيلي ڪميٽيءَ شهباز شريف جو معاملو جو وفاقي ڪابينا ڏانهن موڪليو آهي، ن ليگ گمراهه ڪندڙ نظريو ڏيڻ جي ماهر آهي، شهباز شريف خلاف مختلف عدالتن ۾ ڪيس پياهلن.

هن وڌيڪ چيو ته حديبيه پيپرز ملز مدر آف آل مني لانڊرنگ ڪيس آهي جيڪو اڃان حل ناهي ٿيو، ڪنهن به ڪيس ۾ نئين شهادت آڏو اچي ٿي ته ان کي کولي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.