ڏهرڪي ويجهو زرعي زمين تي قبضي خلاف متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ الاهي بخش ڪوڀر ۾ بااثر شخص پاران هٿيارن جي زور تي پورهيت افضل ڪوڀر ۽ ممتاز ڪوڀر جي 4 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري عورتن تي مبينا تشدد ڪرڻ خلاف ڪوڀر برادري جي عورتن مائي گل پري، مائي شبيران، مائي زليخان  ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي وڏن شر برادري جي ماڻهن کان 4 ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي جنهن جا اصل ڪاغذ ۽ اسٽامپ انهن وٽ موجود آهن پر بااثر برڪت پتافي ڪوڙو کاتو ٺهرائي انهن جي زمين تي قبضو ڪيو آهي ، سندس هٿياربندن انهن تي وحشياڻو تشدد ڪيو آھي ۽ انهن گهرن مٿان فائرنگ ڪئي آھي. هنن جو چوڻ هو ته هومسڪين آهن انهن جو گذر سفر ان زمين تي آهي، بااثر زبردستي انهن جي 4 ايڪڙ زمين ڦٻائڻ چاهي ٿو، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي سي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر برڪت پتافي جو زمين تان قبضو ختم ڪرائي انهن سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.