ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 4 ڏينهن واڌ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي مقامي عدالت رياست مخالف بيان ڪيس ۾ گرفتار ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف جي جسماني رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

پوليس جاويد لطيف کي بڪتربند گاڏي ۾ ماڊل ٽائون ڪچهري ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت کان وڌيڪ رمانڊ جي اپيل ڪئي.

جاچ آفيسر چيو ته جاويد لطيف جي پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻي آهي، جڏهن ته جاويد لطيف جي وڪيل رمانڊ ۾ واڌ ۽ ٽيسٽ جي مخالفت ڪندي چيو ته منهنجي اصيل ڪهڙي اداري خلاف ڳالهه ڪئي آهي.

عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ جاويد لطيف کي 7 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.