خانپور مهر : گهر بچايو تحريڪ جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس ، تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ

گهر بچايو تحريڪ ضلعي گهوٽڪي جي اڳواڻ سميت خانپورمهر جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن  پاران پريس ڪانفرنس ڪري احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو ، خانپورمهر ۾ هڪ سماجي آفيس ۾ گهر بچايو تحريڪ ضلعي گهوٽڪي جي اڳواڻ عبدالغفار چاچڙ، شهري اتحاد جي اڳواڻ عبدالعزيز مهر، جي يو آء اڳواڻ حاجي سيف الله مهر، آپسما جي اڳواڻ حضور بخش مهر ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آبپاشي کاتي خانپور مهر ۾ حددخلين جي آڙ ۾ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو ڪيو  جنهن مان اندازو لڳايو آهي ته 500 کان وڌيڪ غريب ماڻهن جا گهر متاثر ٿنيدا، هنن چيو خانپورمهر ۾ بمبلي مائينر ۽ مهرو واھ تي ٻنهي پاسن کان رهندڙ ماڻهن کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ هاڻي ايريگيشن کاتي جا عملدار غريبن جا اجھا ڊاهڻ لا سانڀا ڪري رهيا آهن ۽ غريب ماڻهن کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ ڌمڪائي ۽ ڊڄائي رهيا آهن ۽ گهرن ٻاهران نشان لڳائي رهيا آهن، جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا

هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي غريبن جا اجھا ڊاهڻ کان بچايا وڃن ۽ مسڪينن سان انصاف ڪيو وڃي،ان موقعي تي الطاف احمد سيال، محراب علي، ذوالفقار مهر، اميد علي ميراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

رپورٽ-ميهرمهر

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.