آمريڪا جو  نئون آيل صدر ۽  دنيا  ۾ چين جو وڌندڙ اثر رسوخ

تحرير: ايڊووڪيٽ غضنفر سولنگي

آمريڪا بهادر جي نئين آيل  صدر به خيرن سان وگوڙن کان پوءِ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو  ٽرمپ جي شخصي،  سياسي ، ۽  مڊهبي مخالفت جي ڪري دنيا کي ڪو اهڙو گڻائڻ جهڙو فائدو ته ناهي ٿي سگهي. پر اڃا به ايران شام ۽ عراق کان وٺي اڪثر اسلامي ملڪن کي پنهنجي مخالف پاليسي جي ڪري وڏو نقصان رسيو. ڍ

ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر بائيڊن اچڻ شرط ئي  ٽرمپ جي اسلام مخالف پاليسن کي ختم ڪرڻ جي  ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جو عملي ثبوت هن اسلامي ملڪن مٿان مڙهيل سفري پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي۔

هن وقت جي پاڻ دنيا جي سياسي صورتحال جو تجزيو ڪنداسي ته اهو پتو پوندو ته  ڪورونا جا ڪلور تقريبن  دنيا ۾ اڃا جاري آهن پر هڪ ڳالهه جيڪا سامهون نروار ٿي ٻيٺي آ، اها آهي عالمي دنيا جي وايومنڊل کي تبديل ڪرڻ جي، جي ٿورو غور ڪيو ته  ڪورونا وائرس دنيا تي پنهنجا سياسي۔سماجي ۽ معاشي گهرا اثر ڇڏيا آهن جيڪي هاڻي نظر پڻ اچي رهيا آهن۔

دنيا  ۾  آمريڪا  ڪيپيٽلزم خيالن جو بهادر سپر پاور ملڪ  آهي  ته  ٻئي پاسي وري  روس ڪميونزم خيالن جي بالادستي ڪري رهيو آهي  جنهن کان ٻه هٿ هاڻي چين اڳتي نڪري پيو آهي  دنيا معاشي مضبوطي جي چڪر ۾ اچي وئي آهي جنهنڪري هاڻي ملڪ پاڻ ۾ بايولجيڪل جنگ وڙهي رهيا آهن انهي ۾  روس جي جاءِ تي هاڻي چين اچي پهتو آ  ۽ آمريڪا جي  آمهون سامهون ٿي ڏاڍڏو سو گابو ٿي وڙهڻ لڳو آهي.

آمريڪا روس جي خلاف دفاعي معاهدا SEATO سيٽو ،CENTO سينٽو ۽ NATO  نيٽو ٺاهيا روس وري آمريڪا جي خلاف ورسا ٺاهيو پاڪستان جيئن آمريڪا جو پاسو هو تنهن ڪري انهيءَ جي دفاعي معاهدي سيٽو ۽ سينٽو جو ميمبر ٿيو پاڻ کي ته ڪو خاص فائدو ڪونه ٿو  هيو پر سپر پاور آمريڪا ميدان ماري ويو. 1945 کان 1990 تائين سرد جنگ رهي.

جيڪا ڪجھه نرم ته وري ڪڏهن گرم حالات خراب ٿيندا رهيا انهيءَ مڪ مڪا ۾ مارجي روس ويو جنهن پنهنجا ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي پوئي پير ٿي پوئتي هٽي جان بچائي پوءِ اڪيلو وڃي دنيا تي  آمريڪا بهادر رهيو اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي پيو. افغانستان کان وٺي عراق ، لبنان، شام ، اڳتي ايران تائين هن ڪنهن به اسلامي ملڪ کي سک جو ساھ کئڻ نه ڏنو. ايشيا جي ملڪن ۾ پنهنجو اثر روسوخ رکڻ لاءِ شروعاتي ڏينهن کان ڪوششون پئي ورتيون.

ڪڏهن پاڪستان کي پٿرن جي دور ۾ ڏڪڻ جون ڌمڪيون ته وري ڪڏهن ڀارت جي پٺھ ڀرائي ڪئي چين جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش پڻ  ڪئي پئي وئي ڇو ته آمريڪا  سمجهي پيو ته دنيا ۾ جي ڪو سندس  سان مهاڏو اٽڪائڻ وارو ملڪ آهي ته اهو چين ئي ٿي سگهي ٿو .آفيم  کائيندڙ سست ۽ ڪاهل قوم مائوزيتنگ جي اڳواڻي ۾ ثقافتي انقلاب کان پوءِ خاموشي سان لاڳيتو ترقي جي طرف روا دوان ٿي چڪي هئي .

گذريل سال جيئن چين مان ڪورونا ظاهر ٿيو تنهن وقت آمريڪا ۽ انهيءَ جي  اتحادي ملڪن تي الزام هنيا وري ساڳيو وائرس جڏهن آمريڪا، برطانيا  ۽ فرانس ۾ چين کان به وڌيڪ ماڻهو ماريا تي هنن الزام وري چين تي هنيا ۔انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته چين انهيءَ وقت دنيا ۾ هڪ وڏي معيشت ٿي اڀري آيو آھي. هن پنهنجا اتحادي ۽ خير خواھ پڻ ٺاهي ڇڏيا آھن جيڪي ڪنهن به غير يقيني صورتحال ۾ چين سان گڏ گڏ هوندا آهن جنهن ۾ صف اول ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي  ۽ چين پنهنجو پاور شو شروع ڪري گهڻن ئي ملڪن کي منجهائي ڇڏيو آهي

هاڻي آمريڪا بهادر جو پاور ختم  ٿيندي نظر پيو اچي. آمريڪا،برطانيا،  ڀارت ،سعودي عرب، اسرائيل ۽ عربن جون ڪجھ رياستون شامل ٿي  ٻئي پاسي وري چين، روس، پاڪستان، ايران، ترڪي ۽ وچ  ايشا جا  ڪجھه ملڪ شامل ٿي  هڪ ٻئي جي سامهون آهن۔

اهو وقت شايد شروع ٿي ويو آ جنهن کي هاڻي آمريڪا جي نئين آيل صدر کي ئي اهڙي صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺڻا آهن ۽ چين به پنهنجا قدم توري تڪي کڻي رهيو آهي. هن وقت  ٻين  ملڪن جي  اکيون نه پٽيون ته بي وقت  ۽ بي مقصد معاشي طور ماريا ويندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.