سونڊا : ڪي بي فيڊر اپر ۾ صنعتي ادارن جو زھريلو گدلو پاڻي ڇوڙ،آبي جيوت کي خطرو

ڪي بي فيڊر اپر ۾ ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري جي صنعتي ادارن جو زھريلو گدلو  پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب  انساني آبادي سميت آبي جيوت خطري ۾ اچي وئي، انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو ، ڪي بي فيڊر اپر ذريعي چُل سائيٽ وٽان لنڪ ڪينال ذريعي ڪينجھر ڍنڍ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، جنھن ڪري مھاڻن جي روزگار جو واحد وسيلو مڇي پڻ مرڻ شروع ٿي وئي آھي، ان سلسلي ۾ ڪينجھر ڪنزرويشن نيٽ ورڪ جي اڳواڻن محمد انيس ھيلايو، ارشاد عمر گندرو، ڪمال خان پالاري ۽ ٻين ڪي بي فيڊر ۾ ڄامشوري ۽ ڪوٽڙي جي صنعتي ادارن جي گدلي فضلي جي ڇوڙ تي سخت احتجاج ڪندي انتظاميا کان ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جو مطالبو ڪيوآهي

 

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ھر سال 25 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين واھن ۽ شاخن جي صفائي لاءِ پاڻي جي سالياني وارابندي ڪئي وڃي ٿي، واھ ۽ شاخون ته صاف ڪونه ٿيون ٿين پر ھر سال صنعتي ادارن جو گندو پاڻي ڇوڙ ڪري انساني جانين کي خطري ۾ وڌو وڃي ٿو جيڪو بند ٿيڻ گهرجي.

رپورٽ-ارشاد گندرو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.