هارين جي آسودگي تائين سنڌ خوشحال نه ٿيندي:ثمر جتوئي

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) ڳوٺ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي قائم مقام صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ھارين کي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين سنڌ جا ھاري پورھيت ۽ مزدور خوشحال نه ٿيندا سنڌ خوشحال نه ٿيندي سنڌ جي حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاء سنڌ جي عوام جو سودو ڪيو آھي سنڌ جي ڀوتارن غريب عوام کان ووٽ وٿي انھن جي خلاف سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ پنهنجي حقن ۾ ترميمون  ڪري رھيا آھن ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ پنھنجا حق وٺڻا پوندا ان موقعي تي آزاد عالم لاشاري, حسن رضا شر جبار باغي, ڪامريڊ محبوب , رام جي ڪوھلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.