سڪرنڊ: ٿيليسيميا جي مريض ٻارڙن لاءِ رت جو عطيو گڏ ڪرڻ ڪئمپ قائم

ٿيليسيميا جي مريض ٻارڙن لاءِ رت جو عطيو گڏ ڪرڻ لاءِ لاکا برادري جي چڱي مڙس رئيس نوراحمد لاکو پاران لاکا هائوس سڪرنڊ تي بلڊ ڊونيشن ڪيمپ لڳائي وئي،  ڪئمپ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن رت جو عطيو ڏنو ، ان موقعي تي ڪيمپ جي ميزبان ۽ پ پ پ جي سينئر نائب صدر نور احمد لاکو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿيليسيميا جي ٻارن سان روحانيت وارو سلسلو جڙي ويو آهي،  ڪيترن ئي سالن کان هنن ٻارن لاءِ رت جون ڪيمپون لڳائيندا  آهيون،  اڄ به ان ئي حوالي سان ڪيمپ جو اهتمام ڪيو آهي

ان موقعي تي خان محمد لاکو ، رئيس مقبول احمد مگسي ۽ تيمور علي لاکو پڻ موجود هئا ، هوڏانهن ڪيمپ جا انتظام دعوت گدارو ، مختيار قمبراڻي ۽ منظور لاکو سنڀاليا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.