سرحد ۾ صحافي اختر حسين اوڳاهي جي جنم ڏهاڙي جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

سرحد (ن ع آ)سرحد جي نوجوان صحافي ۽ قلمڪار اختر حسين اوڳاهي جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ سرحد ۾ ڪٽيو ويو جنهن ۾ پريس ڪلب سرحد جي صدر حاڪم خان ابڙو جنرل سيڪريٽري عطاءُ حسين سومرو، سڪندرعلي اوڳاهي عبدالحئي ساوند، ياسين اوڳاهي،  سردار ابڙو، راڻا رياض، محمد علي ملڪ، ارشاد احمدمهر، احسان لکڻ، عبدالسميع سومرو، پون ڪمار، تاج الدين ملڪ، فدا حسين لکڻ، اربيلو مهر، سرفراز ميمڻ، نواز لکڻ سميت سرحد جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي نوجوان  قلمڪار اختر حسين اوڳاهي  کي ڀيٽائون پڻ پيش ڪيون ويون شريڪ ٿيندڙن جو چوڻ هو ته اختر حسين اوڳاهي ٿورڙي ئي عرصي ۾ صحافتي دنيا ۾ پنهنجي الڳ مقام ٺاهيو آھي هن هميشه غريب ۽ مظلوم عوام جو آواز اقتداري ايوانن تائين پهچائڻ لا قلم جو بهتر استعمال ڪيو آھي سندس جي قلمي پورهي سان مسڪين ماڻھن کي وڏو لاڀ مليو آھي، ان موقعي تي کيس گلن جا هار پڻ پارايا ويا.

حيات پتافي ۾ باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي

حيات پتافي(ن ع آ)حيات پتافي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي، پيپلزپارٽي پاران حيات پتافي آفيس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93هين سالگرهه ملهائي وئي، تقريب ۾ اشفاق احمد ڪورائي صدر پ پ يوسي حيات پتافي، شاهنواز ٿهيم انفارميشن سيڪٽري، راهب کوکر، راجه ميراڻي، سيف الله چنڙ، صفدر ميراڻي، مجيب الله، منصور احمد ميراڻي، عبدالرزاق بوزدار ۽ ٻين ورڪرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اشفاق ڪورائي صدر يونين ڪائونسل حيات پتافي چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ انمعول شخصيت هو هن آمر ڊڪٽيٽر ضياءَ جهڪڻ کان شهادت قبوم ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.