سرڪاري زمينن تي قبضن جي رپورٽ طلب

ڪراچي ( رپورٽر ) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ عمرڪوٽ، ملير،  سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊن ۾ سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامي معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪي سي آر ۽ سرڪاري ادارن جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ به غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهان، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز، سمورن سيڪريٽريز، ڊويزنل ڪمشنرن، اي آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي سميت سمورن ڊپٽي ڪمشنرز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهان چيو ته عمرڪوٽ ۾ 18 جنوري تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي. عمرڪوٽ ۾ 128 پولنگ اسٽيشنز آهن جنهن ۾ 50 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وينديون چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه سيڪريٽريز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڪندي چيو ته سرڪاري کاتن جي زمينن تي قبضن جا تفصيل هڪ هفتي اندر جمع ڪرايا وڃن. ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن ڪهڙن کاتن جي زمينن تي قبضو آهي ۽ ڪهڙن ڪهڙن ضلعن ۾ قبضو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.