ڄام صاحب: نوجوان چئن ورهين جي نياڻي سميت دوڙ مان اغوا

ڄام صاحب جو رهواسي نوجوان چئن ورهين جي نياڻي سميت دوڙ ويجھو اغوا ٿي ويو

اغوا ڄاڻايل اسحاق حاجاڻي جي وارثن محبوب حاجاڻي ۽ خالد حسين حاجاڻي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نوجوان دوڙ ڀرسان ڳوٺ نظير ڪورائي مان اسان سان ملڻ لاءِ اچي رهيو هو جيڪو رستي مان اغوا ٿي ويو آهي جنهن جي نمبر تان ڌاڙيلن فون ڪري ٽيھه لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي  …

هنن چيو ته واقعي کي ٽي ڏينهن گذري ويا آهن، دوڙ ٿاڻي تي اين سي داخل هجڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، مغوي جي وارثن ايس ايس پي نوابشاھه کان مطالبو ڪيو ته نوجوان ۽ چئن ورهينم جي نياڻي کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ..

رپورٽ- نظير ڏاهري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.