ٻيٽن تي قبضي سان 30 لک مهاڻا بيروزگار ٿيندا، مزاحمت ڪنداسين: فشرفوڪ فورم

ڪراچي/ملير (رپورٽ: صادق سومرو+جميل چانڊيو+نمائندا) پاڪستان فشرفوڪ فورم پاران ماهيگيري جي عالمي ڏهاڙي تي ماهيگيرن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ٻيٽن تي ڪنهن به اڏاوت جي اجازت نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان پي ايف ايف پاران 21 نومبر تي ماهيگيري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ابراهيم حيدري ۾ منعقد ڪيل رنگا رنگي ثقافتي  تقريب دوران ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين ماهيگير مرد توڙي عورتن، سول سوسائٽي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب دوران راڳ ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا، جن ۾ ماهيگيرن جي مسئلن کي اجاڳر ڪيو ويو. اها تقريب سمورن سامونڊي ٻيٽن تي ماهيگيرن جي خودمختياري ۽ ”ماهيگيرن جي حقن جو تحفظ“ جي موضوع هيٺ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٺٽي، سجاول، بدين، ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن کان آيل ماهيگيرن پڻ شرڪت ڪئي،فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا اٽڪل 30 لک ماهيگير سمنڊ، خاص طور تي ڪريڪس، مان مڇي مارڻ تي گذر سفر ڪن ٿا، جڏهن ته وفاقي حڪومت سامونڊي ٻيٽن کي قبضي ۾ وٺي انهن تي شهر تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان ماهيگيرن جا گس بند ٿي ويندا ۽ اهي پنهنجي روزگار کان محروم ٿي ويندا. هن چيو ته پاڪستان جي ساحلي پٽي 1،050 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ رڳو سنڌ جي ساحلي پٽي تي اٽڪل 300 ننڍا وڏا ٻيٽ موجود آهن ۽ وفاقي حڪومت انهن سمورن ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ سميت ٻيا ٻيٽ هزارين ايڪڙن تي موجود تمر جي ٻيلن جو گهر آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ چيو ته پاڪستان جي 1050 ڪلوميٽرن تي ٻڌل علائقن ۾ 700 ڪلوميٽر بلوچستان ۽ 350 ڪلوميٽر سنڌ جو علائقو شامل آهي. سنڌ جي ساحلي علائقن کان علاوه دريائن ۽ ڍنڍن سان سڌو يا اڻسڌو روزگار حاصل ڪرڻ وارا 25 لک ماهيگير خاندان نه رڳو بدترين معاشي بدحالي جو شڪار آهن، پر بنيادي سهولتن کان به محروم آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ماهيگيرن سان گڏ آهي، انهن جي روزگار تي راتاهو هڻڻ قبول نه ڪندي ،محقق ۽ تاريخدان گل حسن ڪلمتي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي وسيلن کي بچائڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ اڪثريت ۾ آهي، کيس گهرجي ته ٻيٽن جو معاملو اتي اٿاري. تقريب ۾ گهر ڪئي وئي ته سامونڊي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو صنعتي ۽ شهري فاضل مادو بنا ڪنهن ٽريٽمينٽ جي سمنڊ ۾ نه اڇلايو وڃي ۽ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 35 ايم اي ايف پاڻي ڇڏيو وڃي تقريب کي ماهيگيرن جي اڳواڻ جان عالم ڄاموٽ، سول سوسائٽي جي نمائندن عثمان بلوچ، فاطمه مجيد، سياسي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر بخشل ٿلهو، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي ڪو چيئرمين اسد بٽ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،هوڏانهن ڀان سيدآباد ۾  سنڌ ملاح فورم پاران مرڪزي اڳواڻ ظهور ملاح، شريف ملاح، غلام مصطفي ملاح، علي گوهر ملاح، شهزاد ملاح، شبير ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منڇر ڍنڍ تي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته منڇر ڍنڍ سميت سنڌ جي ڍنڍن کي هٿ سان تباه ڪيو ويو آهي، منڇر ڍنڍ ۾ زهريلي پاڻي جو ڇوڙ ڪيو پيو وڃي جهمپير ۾ تقريب کي  ڊي جي فشريز مير الهداد ٽالپر ڊبليو ڊبليو ايڇ جي سنڌ بلوچستان جي ڊائريڪٽر طاهر سعيد پروفيسر رفيق ميمڻ ڊاڪٽر مختيار مهر محمود اختر صاحب ڪينجهر ڪنزرويشن نيٽ ورڪ صدر جي انيس هيلايو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي جو اثر تيزي سان وڌي رهيو آھي جنهن جو اثرسنڌ جي ڍنڍن تي پڻ اڻٽر آھي ،ڪنڌڪوٽ سنڌ ملاح فورم پاران سردار نصير احمد ميراڻي،آفتاب ميراڻي، بشيرميراڻي،غلام رسول ميراڻي، ڪامريڊ ياسين ميراڻي،غلام مصطفيٰ ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ،اڳواڻن چيو ته ڍنڍون ٻيٽ ملاحن جي روزگار جو قدرتي وسيلو آهن جنهن مٿان ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين .

وفاق ٻيٽ کيسي ۾ وجهي کڻي نه ويندو، سنڌ سرڪار ڪراچي تي 700 ارب خرچ ڇو نٿي ڪري: اسد عمر

ڪراچي (رپوٽر) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتي جي قانون ۾ ڪا گنجائش ئي ناهي، ڪنهن جي مداخلت کان سواءِ ئي اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي ناڻو ملي ٿو، جڏهن ته وفاق ٻيٽ  کيسي ۾ نه کڻي ويندو، عوام کي روزگار ملندو. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته گرين لائين منصوبو جلد مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته وفاق مٿان ٻيٽن تي والار جو الزام اجايو لڳايوپيو وڃي. وفاق ٻيٽ کيسي ۾ نه کڻي ويندو، ڪراچي جي عوام کي روزگار ملندو ۽ سنڌ جي عوام کي روينيو ملندو. نالن تان حددخليون هٽائڻ واري معاملي تي اسد عمر چيو ته نالن تان حددخليون هٽائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪڏهن زمين سنڌ جي آهي ته قبضو ڇڏائڻ به سنڌ حڪومت جي زمين آهي، قبضو به سنڌ حڪومت ڪرايو ۽ قبضو خالي به سنڌ حڪومت ڪرائي. ان باوجود وفاق اربين رپيا خرچ ڪري پيو. سنڌ حڪومت حددخليون هٽائي ماڻهن کي اٿاري وفاق جو پئسوحاضر آهي. حددخليون هٽائي سنڌ حڪومت کي متبادل انتظام ڪرڻ گھرجي، سنڌ حڪومت جلد پنهنجو ڪم ڪري وٺندي ته پوءِ وفاق پنهنجو شروع ڪندو. جديد دور اچي ويو آهي، هاڻي ٽاور تائين بسون هلنديو، گرين لائين منصوبي تي تيزي سان ڪم جاري آهي، پنجون ڪم نالن جي صفائي ۽ ٻيهر تعمير جو آهي جيئن ڪراچي ۾ برساتن دوران تڪليف کي منهن ڏيڻو نه پوي. اسان جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته سنڌ حڪومت دعويٰ ڪري پئي ته ڪراچي پيڪيج ۾ 700 ارب رپيا سنڌ جا آهن ته پوءِ سنڌ حڪومت اها رقم خرچ ڇو نه پئي ڪري؟ڪورونا جي بجيٽ ۾ ڪراچي کي وڏا فنڊ مليا، هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي الله جلد صحتياب ڪري. مون ننڍي هوندي کان ڪي سي آر جون ڳالهيون ٻڌيون آهن، هتي ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون پر ڪم ناهي ٿيندو،گورنر عمران اسماعيل تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته ٻيٽن تي نوان منصوبا گيم چينجر ثابت ٿيندا، ٻيٽن جي ترقي سنڌ جي ترقي آهي، ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان ڏيڍ لک ماڻهن کي روزگار ملندو، فشرهاربر مارڪيٽ قائم ڪئي ويندي، مهاڻن جون مڇيون جيڪي هاڻي سستي اگھه تي وڃن ٿيون اهي مهانگي اگهن تي وڪرو ٿينديون. اهو منصوبو هر حال ۾ خوشحالي جي خوشخبري آهي، سنڌ حڪومت جا جيڪي خدشا آهن اهي ختم ڪيا ويندا، ٻيٽن وارو منصوبو سنڌ جي معاشي صورتحال لاءِ ريڙهه جي هڏي ثابت ٿيندا. هن چيو ته ٻيٽن جي ترقي مان جيترو به روينيو ملندو اهو سنڌ کي ملندو وفاق نه کڻي ويندي، 800 ايڪڙو جو ٻيٽ آهي، 50 ارب ڊالر جي سيڙپ جو اندازو لڳايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.