ميهڙ ۾ ناري جو پراسرار موت، پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري، ڀاءُ گرفتار

فريد آباد ( ن ع آ ) ميھڙ ۾ 13 ڏينهن اڳ  شازيه خاصخيلي گھر ۾ پراسرار گولي لڳڻ وارو مامرو ـ شازيه خاصخيلي جي پوسٽ مارٽم  رپورٽ دادو سرڪاري اسپتال مان ميھڙ ٿاڻي تي اچي وئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شازيه خاصخيلي  کي پٺي ۾ پويان  گولي لڳل آھي ، جنهن تي سرڪارجي مدعيت ۾ ناري جي ٻن ڀائرن واپاري عبدالحميد خاصخيلي ۽ واپاري نور نبي خاصخيلي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي  جڏهن ته ميھڙ  ٿاڻي جو ايس ايڇ او رسول بخش پنھور ـ اي ايس آءِ ظھير احمد لاکير جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالا ساڻ ڪري فريدآباد لڳ ڳوٺ الھڏنو تيوڻو ۾ مقتول ناري شازيه خاصخيلي جي اباڻي گھر تي ڇاپو ھنيو ويو جنهن ۾ ناري جي ڀاءُ واپاري عبدالحميد خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ميھڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او رسول بخش پنھور رابطو ڪندي چيو ته ناري شازيه خاصخيلي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي وئي آهي جنهن ۾ ناري شازيه خاصخيلي  کي پٺي ۾ پويان پسٽل جي گولي لڳل آهي، جنهن تي ھڪ جوابدار واپاري عبدالحميد خاصخيلي  گرفتار ڪيو  آهي، ھوڏانھن واپاري نور نبي خاصخيلي رابطو ڪندي چيو ته اسان جا ھٿ صاف آهن اسان پنهنجي گھر جي ڀاتي کي ماري نٿا سگھون سخت پريشان آھيون ڪاروبار مڪمل بند آهي اسان ايماندار پوليس آفيسرن مان چڱائي جي اميد رکون ٿا ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.