وفاق سنڌ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو:نواز زنئور

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس پارٽي چيئرمين نواز خان زئور جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿي گذريو۔  جنهن ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ مختلف فيصلا ڪيا ويا۔ جنهن موجب حبدار علي ميرجت کي جيئي سنڌ قومي پارٽي جو مرڪزي وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو۔ جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ۽ ساحلي پٽي تي وفاق جي قبضي وارين سازشن خلاف پارٽي پاران 28 نومبر تي نوشهرو فيروز ۾ ۽ 29 نومبر تي نوابشاهه ۾ بک هڙتال ڪئي ويندي۔ اجلاس ۾ ثقافتي ڏهاڙو ڌام ڌوم سان ملهائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو۔.  جنهن موجب 6 ڊسمبر تي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون۔ ان کانسواءِ ميرپور بٺوري، سجاول، شيخ ڀرڪيو ۽ گھگھر ڦاٽڪ تي مچ ڪچهريون پڻ ڪوٺايون وينديون۔ اجلاس ۾ ڳالهائيندي نواز خان زئور چيو ته وفاقي اختياريون سنڌ جي وسيلن، سنڌو درياهه ۽ سامونڊي ماڳن تي قبضو ڪرڻ گھرن ٿيون۔ ڪارونجهر جبل کي پڻ هميشه لاءِ  ختم ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آهي۔ انهن سازشن خلاف تمام وڏي ۽ ڊگھي جدوجهد جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي ٻيٽن جي سوال تي شاندار جدوجهد ڪري رهي آهي۔ جنهن تي اطمينان جو اظهار ڪريون ٿا ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي ايڪشن ڪميٽي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي۔ جدوجهد ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.