ن ليگ جو اڳوڻو ايم اين اي عبدالغفار ڊوگر گرفتار

ملتان (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن کاتي ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي عبدالغفار ڊوگر کي گرفتار ڪري ورتو.

ن ليگ ضلعي صدر بلال بٽ موجب عبدالغفار ڊوگر کي ڪمهاران چوڪ تي سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته عبدالغفار ڊوگر خلاف دوکي بازي، سرڪاري ناڻي کي نقصان پهچائڻ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ جعلي دستاويز ٺاهڻ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هن گهر تي غير قانوني قبضو به ڪيو.

هوڏانهن اينٽي ڪرپشن ذريعن جو چوڻ هو ته عبدالغفار ڊوگر کي ڪرپشن ۽ اختيار اورانگهڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.

عبدالغفار ڊوگر جي گرفتاري خلاف ن ليگ ڪارڪنن اينٽي ڪرپشن آفيس سامهون احتجاج پڻ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.