نوابشاهه: ڊرائيور طرفان پاڻ ساڙڻ واري ڪيس ۾ ايڪسائيز اهلڪارن جي ضمانت جي درخواست رد

نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊرائيور طرفان پوليس جي ظلمن کان تنگ ٿي پاڻ ساڙڻ واري ڪيس ۾ ايڪسائيز اهلڪارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

نوابشاهه جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج رسول بخش سومري پاران نيشنل ھاءِ وي تي ايڪسائيز پوليس جي ظلمن کان تنگ ٿي آئل ٽينڪر ڊرائيور متيع الله پاران پاڻ کي باھ ڏئي ساڙڻ واري ڪيس ۾ ايڪسائيز پوليس چيڪ پوسٽ جي انچارج انسپيڪٽر آصف لاکو، اختر علي، صحت رند، محمد سائل سميت اٺن ڄڻن جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

10 ڏينھن اڳ نيشنل ھاءِ وي سڪرنڊ چيڪ پوسٽ آڏو آئل ٽينڪر ڊرائيور متيع الله ايڪسائيز پوليس جي زيادتين ۽ 18 ھزار روڪ رقم ڦر ڪرڻ تي پاڻ کي باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو ھو جيڪو ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ھو جنھن جو ڪيس دھشتگردي ايڪٽ تحت سڪرنڊ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو  ..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.