ٺٽي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن جو احتجاج

ٺٽو(ڊ ر)ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر کاتي آفيس مڪلي جي ملازمن پاران ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر ٺٽو پاران ننڍن ملازمن سان اڍنگو رويو اختيار ڪري سندن جائز مسئلا حل نہ ڪرڻ خلاف ملازمن پاران ٻئي ڏينھن تي بہ پاپوليشن کاتي مڪلي واري آفيس ۾ ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي قلم ڇڏ ھڙتال شروع ڪري ڇڏي آھي. احتجاج ڪندڙ ملازم اڳواڻ مھتاب حسين قريشي، الطاف حسين جوکيو، جمال خان جانوري، محمد خان جاکرو ۽ ٻين چيو تہ پاپوليشن کاتي ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر ننڍن ملازمن جو جيئڻ جنجال بنائي انھن سان اڍنگو رويو اختيار ڪري نازيبا ٻولي ڳالھائي آھي، جيڪو عمل برداشت کان ٻاھر آھي. ھنن گھر ڪئي تہ فورن ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر ٺٽو کي بدلي ڪري ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ اربعہ ڏينھن تائين قلم ڇڏھڙتال بعد خميس ۽ جمعي ڏينھن آفيس جي تالا بندي ڪري ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر ٺٽو جي بدلي تائين سخت احتجاج کي جاري رکيو ويندو. ھنن ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر ٺٽو کي ھٽائي سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ھوڏانھن پي ٽي آء ضلعي ٺٽي جي صدر رئيس ارسلان خان بروھي جي خاص ھدايتن تي پي ٽي آء ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن احتجاج ڪندڙ ملازمن وٽ پھچي ھمدردي جو اظھار ڪيو.

ھرممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.