ڏهرڪي ڀرسان موٽرسائيڪل کي بچائيندي ڪوچ اونڌي، 3 مسافر زخمي

ڏھرڪي (ت ر) ڏھرڪي ويجھو باءِ پاس تي تيز رفتار مسافر ڪوچ سامهون ايندڙ غلط سائيڊ جي موٽر سائيڪل کي بچائيندي  ڪلٽي ٿي پيئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا مسافر معمولي زخمي ٿي ويا حادثي سبب موٽر وي پوليس ۽ ڀر پاسي جي ماڻهن پهچي ريسڪيو ڪري زخمين کي سرڪاري اسپتال آندو جتي طبي امداد بعد کين فارغ ڪيو ويو.

خيرپور  ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او چارج ڇڏي ڏني

خيرپور ( ڊ ر ) ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او ۽ ايڊمسٽريٽر ۾ اختيارن جي جنگ، اي ڊي سي ون ضمير جاگيراڻي ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي چارج ڏئي ايڊمسٽريٽر مقرر ڪيو ويو هو، جنهن بعد ايڊمسٽريٽر ڪروڙين روپين جي بجيٽ هوندي سالن کان شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽ بند هجڻ  توڙي شهر ۾صفائي نه ٿيڻ سوين ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻڻ بابت تفصيل ورتا ته سياسي هائوس جي آڌر واش هجڻ ڪري پ پ جيالو توري مشهور سي ايم او مشتاق جماڻي ايڊ مسٽريٽر جي وچ ۾ اختيارن تان جنگ شروع ٿي وئي جنهن کان پوءِ ڊي سي خيرپور احمد علي قريشي سي ايم او مشتاق جماڻي ڇنڊپٽي چارج ڇڏڻ جو حڪم ڪيو مشتاق جماڻي جبري موڪل تي موڪل بعد اوچتو چارج ڇڏي گهر روانوٿي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.