پني عاقل ۾ نقلي زرعي دوائن جي وڪري خلاف ريلي

پنوعاقل (ن ع آ) پني عاقل تعلقي جي 10 کان وڌيڪ يوسين سان واسطو رکندڙ ھارين زميدار ۽ مزدورن جو احتجاج،زراعت جي صوبائي  سيڪريٽري سميت آفيسرن خلاف نعري بازي،ڊاريڪٽر سکر ٻيو نمبر ۽ مدي خارج دوائون کي وڪرو ڪرائڻ ۾ ملوث ھجڻ جو انڪشاف،ھتي پنوعاقل ۾ فصلنجي تباھي اڇي مک جو ڄارو وڻ،ڪڻڪ،ڪمند،گوار،ٻاجھري،تر،ڀوئمنگ،سبزيون توڙي ميوات کي جيت لڳڻ ۽ ٻين بيمارين جي خاتمي لاءِ زرعي دوائون ڦوھارو ڪري ھئڻڻ جي باوجود تر برابر به زراعت کي فائدو نه پھتو،جنھن خلاف سنڌ ھاري ڪاميٽي ھاري اڳواڻن زميدارن پاران ريلي ڪڍي وئي،جيڪا مختلف چوڪن شھرن علائقن کان سوين ماڻھون ھٿن ۾ تباھ ٿيل وڻن،ڪمند،گوار ۽ ٻين فصلن جا ٽانگا بئينر پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو پھچي ويا،جتي ھاري ڪاميٽي جي صدر محمد نواز جتوئي،نالي وارو برخ زميدار علي محمد خان مھر،فقير گھنور مڱريو،ڪامريڊ شاھ محمد انڍڙ،ايم اسحاق جسڪاڻي،جادل منگي،اسد ڪلوڙ ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته زراعت جي صوبائي سيڪريٽري ڊاريڪٽر سکر سميت پنوعاقل ۽ ٻين شھرن جا زرعي آفيسر زرعي فصلن کي تباھ ڪرائڻ ۾ برابر جا شريڪ آھن،ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ کان گھر ڪئي ته ٻيون نمبر زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلر ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ ھارين جو ٿيل  ڪروڙين رپين جو نقصان ڀرائي ڏنو وڃي.

ماٿيلي ۾ آبادگارن جو نقلي دوائن خلاف دانهون

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ:پريم راٺوڙ) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت  هيٺ سندس آفيس ۾ آبادگارن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ بابت اهم گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سميت زراعت کاتي جي آفيسرن، ڪاٽن فيڪٽريز جي مالڪن ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر زراعت کاتي جي ڪاڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته زراعت کاتي جي آفيسرن جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب ضلعي جي آبادگارن جو نقصان ٿيو آهي جنهن جو ننڍي پئماني تي ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون ان سلسلي ۾ ڍل معاف ڪرائڻ توڙي آبادگارن کي ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڏانهن گذارش اماڻي ويندي. . هن چيو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ايڊيشنل ڊائريٽر زراعت جي گفتگو بابت جاچ ڪرائي ويندي ته جيئن حقيقت سامهون اچي سگهي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ٿي سگهي. ان موقعي تي هن ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته سڀاڻي بجيٽ جي استعمال، غير رجسٽرڊ ۽ رجسٽرڊ ڊيلرن جي فهرست، غيرمعياري دوائن بابت داخل ڪيسن ۽ آبادگارن ۾ فصل جي بيمارين بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل سيمينارن متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي ته جيئن سندن ڪاڪردگي هو جائزو وٺي سگهجي. هن ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن کي هدايت ڪئي ته هو هن مشڪل وقت ۾ آبادگارن سان تعاون ڪن ڇو ته هر حوالي سان نقصان آبادگارن ۽ هارين جو ٿيو آهي انڪري ناجائز ڪٽوتي يا اگهه گهٽائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر دورا ڪندا ۽ ضلعي انتظاميه جي هدايتن تي عمل نه ڪندڙ فيڪٽري کي سيل ڪري سگهجي ٿو. گڏجاڻي دوران هڪ آبادگار جي شڪايت تي ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي کي هدايت ڪندي چيو ته جاچ ڪئي وڃي ته ڏهرڪي ۾ زراعت کاتي پاران سيل ڪيل دوڪان مان زرعي دوائون ڪيئن نڪري ويون ان سلسلي ۾ ذميوارن خلاف رپورٽ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن سندن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي…

زراعت  کاتي گهوٽڪي جي 3 ڊپٽي ڊائريڪٽرن خلاف الزام واپس

ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت گھوٽڪي (ضلعي آفيسر) عبدالمجيد  وسطڙو بااثر جو پريشر برداشت نہ ڪري سگھيو آھي،جڏھن تہ ايڊيشنل ڊائريڪٽر مجيد وسطڙو پاران ڪجھ ڏينھن اڳ ميڊيا آڏو زراعت کاتي جي ٽن ڊپٽي ڊائريڪٽرن (تعلقي آفيسرن) ڊي ڊي ميرپورماٿيلو نظام دين ڪلوڙ، ڊي ڊي ھيڊ ڪوارٽر گھوٽڪي شاھنواز شيخ ۽ ڊي ڊي ڏھرڪي صدر دين نائچ مٿان رشوت وٺي پيسٽيسائيڊ جي غيرمعياري دوائن جا سيمپل ليبارٽري مان پاس فٽ ڪرائڻ جي لڳايل الزامن تان ھٿ کڻي ويو آھي، ان سلسلي ۾ گذريل ڏينھن ڊي ڊي ميرپورماٿيلو جي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر مجيد وسطڙو ٻڌايو تہ 4 ڏينھن اڳ ميڊيا تي ڄاڻايل آفيسرن مٿان ڪرپشن جا الزام ھنيا ھئيا جيڪي بيبنياد آھن، ھن چيو تہ بخار ۽ طبيعت خراب ھئڻ سبب ھن کي ميڊيا سان ڳالھائيندي سمجھ ئي نہ لڳي تہ ھو ڇا ٿو ڳالھائي،ھن ڄاڻايل ٽنھي آفيسرن کان ميڊيا آڏو بار بار معافي گھرندي ڊي ڊيز مٿان لڳايل الزامن کي بيبنياد قرار ڏنو س ۽ ڊي ڊيز جي ڪردارن کي بھترين ٻڌايو،ان موقعي تي ڊي ڊي ميرپورماٿيلو نظام ڪلوڙ ۽ ڊي ڊي ڏھرڪي صدردين نائچ ميڊيا بريفنگ دوران ايڊيشنل سان گڏ ھئا،ھوڏانھن ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آھي تہ پ پ پ اڳواڻ امتياز شيخ جي دٻ ملڻ بعد ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت مجيد وسطڙي موقف تان ھٿ کنيو ۽ ڊي ڊيز کان ميڊيا آڏو معافي گھري،جڏھن تہ ڊي ڊي ھيڊڪوارٽر شاھنواز شيخ پ پ پ اڳواڻ امتياز شيخ جو خاص ماڻھو ليکيو ويندو آھي،جنھن جي ڪري ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪرپشن جا الزام ھڻڻ بعد فوري طور موقف مٽائيندي پنھنجي ڄاڻايل زيردست آفيسرن کان معافي گھري آھي

غوثپور ۾ نقلي دوائون کلي عام وڪرو،شهري پريشان

غوثپور( ن ع آ ) غوثپور شھر ۾ ضلعي ڪشمور جي صحت کاتي پاران نقلي دوائون  بغير لائسينس ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دوائن  جو وڪرو عام ٿيڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن  احتجاج ڪندي چيو آهي ته شھر ۾ ضلعي ڪشمور جي ڊرگ انسپيڪٽر صاحب خان ميراڻي ميڊيڪل اسٽورن کان ڪاروائي ڪرڻ بدران ھر مھيني منٿلي رشوت وٺي وڃي ٿو ۽ميڊيڪل اسٽور وارن  کي عوام جي ڦرڻ لاءِ کليل ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آهي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته   قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.  ۽ ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج نقلي رکيل دوائون چيڪ ڪري ايمانداري سان جعلي ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ھنن جو چوڻ هو ته اگر ضلعي صحت کاتي ڪارروائي نه ڪئي ته ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪري سخت احتجاج ڪنداسين. ڊي سي ڪشمور کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.